مٽياري(رپورٽر) اسسٽنٽ مختيارڪار سعيدآباد غلام مصطفي صدر نيو سعيدآباد شھر ۾ عام وڪري جي شين جو جائزو وٺندي دڪاندارن کي سرڪاري اگھن تي عمل جي ھدايت ڪئي ۽ احترام رمضان جو عمل پڻ ڪرايو. ان بعد بچت بازار جو دورو ڪيو. سندس چوڻ ھو ته بچت بازار ضلع انتظاميا مٽياري خاص ڪري ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ جا بھترين قدم آھن بچت بازار جو بنيادي مقصد گهٽ آمدني وارن گهرن کي سبسڊي وارين ضروري شين جي آڇ ڪرڻ آهي، انهي کي يقيني بڻائڻ انهن کي رمضان دوران معياري کاڌي ۽ ضرورت جي شين تائين رسائي حاصل هجي.