اسلام آباد (م ڊ) چيئرمين پاڪستان علماءِ ڪائونسل حافظ طاهر محمود اشرفي سعودي ولي عهدي جو پاڪستان جو دورو ملتوي ٿيڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو، طاهر اشرفي چيو ته سعودي ولي عهد کي ڪجهه ٻين ملڪن جو دورو ڪرڻو هو، سعودي ولي عهد جو دورو پاڪستان جي اندروني معاملن سبب ملتوي نه ٿيو آهي، سعودي ولي عهد پنهنجي شيڊول مطابق دورو ملتوي ڪيو، سعودي ولي عهد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو.