اسلام آباد (م ڊ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ج پاڪستان جو دورو ملتوي ڪيو آهي. حڪومتي ذريعن موجب سعودي ولي عهد محمد سلمان جو ايشيا وارو دورو ملتوي ٿيڻ سبب پاڪستان اچڻ جو پروگرام به ملتوي ڪيو آهي، سعودي ولي عهد هاڻ سڌو انڊونيشيا جي شهر بالي ويندو، جتي هو 20 هين ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، سعودي سفارتخاني جي ذريعن محمد بن سلمان جو پاڪستان دورو ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان به سعودي ولي عهدي جو دورو ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، واضح رهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي 21 هين نومبر تي پاڪستان جو مختصر دورو ڪرڻو هو جيڪي هاڻ ملتوي ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.