رياض (انٽريسٽنگ نيوز) آثار قديمه جي ماهرن سعودي عرب جي علائقي خيبر ۾ 4 هزار سال پراڻي هڪ ڳوٺ جا آثار ڳولي لڌا آهن، جرنل PLOS One ۾ شايع تحقيق ۾ ان ڳوٺ کي النتاح جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ماهرن موجب اهو 4400 سال اڳ آباد هيو ۽ اتي 500 ماڻهو رهائش پذير هئا، محققن ٻڌايو ته اهو ڳوٺ هزارين سالن کان بي آباد آهي پر ايئن ڇو ٿيو، ان جو سبب اڃا واضح ناهي، اهو ڳوٺ 3.7 ايڪڙ ايراضي تي ڦهليل هيو، جنهن جا 2 مرڪزي علائقا هئا، محققن ان ڳوٺ کي اتي موجود ساڍا 14 ڪلوميٽر ڊگهي پراڻي ڀت کي ڏسڻ بعد دريافت ڪيو هيو، انهن ٻڌايو ته اها هڪ اهم دريافت آهي، جنهن سان اشارو ملي ٿو ته ان خطي ۾ ڪيتريون ئي تهذيبون موجود هيون، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ان سان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هزارين سال اڳ ان خطي ۾ ماڻهن خانه بدوشي کي ڇڏي شهري طرز زندگي اپنائڻ شروع ڪري ڇڏي هئي، پر اهو عمل ڪافي سست رفتاري سان اڳتي وڌيو، انهن جو چوڻ هيو ته شروعاتي سروي مان انڪشاف ٿيو آهي ته اهو ڳوٺ 2400 قبل مسيح ۾ قائم ٿيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 1500 قبل مسيح تائين برقرار رهيو، ان ڳوٺ ۾ گهرن کي ننڍين ننڍين گهٽين سان جوڙيو ويو هيو ۽ هي اهو وقت هيو، جڏهن ان خطي ۾ خانه بدوش قبيلا آباد هئا.