رياض (انٽريسٽنگ نيوز) سعودي عرب ۾ دنيا جي ميگا پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي، جتي گهٽ کان گهٽ ليبر جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن ۽ انهن جي جاءِ تي روبوٽ ڪم ڪري رهيا آهن. سوين ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري سان تعمير ٿيندڙ منفرد پراجيڪٽ ذي لائن، جيڪو نيوم ميگا پراجيڪٽ جو حصو آهي، اتي روبوٽ کان ڪم ورتو پيو وڃي. نيوم ميگا پراجيڪٽ ۾ روبوٽ جو استعمال تعمير جي مستقبل جي حوالي سان انتهائي اهم قدم آهي. واضح رهي ته سعودي عرب پنهنجي ميگا پراجيڪٽ لاءِ ليبر جي جاءِ تي روبوٽ جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان جو مقصد سمارٽ اوزارن جي استعمال سان گڏوگڏ سلامتي ۽ تحفظ کي يقني بڻائڻ آهي.