رياض(م ڊ) سعودي عرب سميت نار جي ملڪن ۾عيد الفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، مسجد الحرام، مسجد نبوي ۽ مسجد اقصيٰ ۾ عيد جا وڏا روح پرور اجتماع، مسجد الحرام ۾ عيد نماز جي امامت شيخ عبدالرحمان السديس ڪئي، مسجد نبوي ۾ عيد جي نماز شيخ عبدالله جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي، لکين ماڻهن عيد جي نماز پڙهي، عيد الفطر جي خطبي کان پوءِ اسلامي دنيا جي امن ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، مسجد اقصيٰ ۾ وڏي انگ ۾ فلسطينين به عيد جي نماز ادا ڪئي، گڏيل عرب امارات ۽ قطر سميت نار جي اڪثر ملڪن ۾ عيد ملهائي پئي وڃي،