رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ پهريون ڀيرو علي الاعلان هڪ اسرائيلي وفد جي آمد ٿي آهي، اهو وفد يونيسڪو جي عالمي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ رياض پهتو هو. پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي عرب ۾ ٿيندڙ يونيسڪو جي عالمي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جتي ٻين ملڪن جا وفد شريڪ ٿيا اتي اسرائل به هڪ وفد اماڻيوهو. سعودي_اسرائيل لاڳاپن ۾ پهريون ڀيرو اسرائيلي وفد جي سعودي عرب اچڻ حيران ڪندڙ سمجهيو پيو وڃي، جڏهن ته ان کان اڳ هڪ اڌ ڀيرو ڳجھيون ملاقاتون ۽ دورا ٿيڻ جون خبرون به گردش ۾ رهيون آهن.