ملير (رپورٽر ) ”ٽائيم نيوز“ ۽ ”پنهنجي اخبار“پاران ”انتهاپسندي کان آجي سنڌ“ جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙي جي ڏنل سڏ تي سنڌ سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ايڪتا عيد جا ميلا متل، سعودي عرب جي شهر جدي ۾ ايڪتا تقريب ٿي، جنهن ۾ سعودي عرب جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ سنڌين  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، تقريب  ۾ايڪتا ڏهاڙي جي باني علي قاضي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، تقريب ۾ فنڪار مير ساريو، سڪندر سنڌي، محمد خان کونهارو، عباس سيال ۽ ٻين سر وکيريا، نوجوانن قومي گيتن تي جهمريون هنيون، تقريب کي طارق ڀرڳڙي، اياز سولنگي ۽ وحيد رودڻاڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي آهي، هتي هميشه پيار ۽ محبت جو درس مليو آهي، هزارين سال قديم شهر موهن جي دڙي مان ڪو به جنگ جي استعمال ۾ ايندڙ هٿيار ناهن مليا، سنڌ ۾ انتهاپسندي جي ڪابه گنجائش ناهي.