ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اسڪواش پليئر سعديه گل شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ نيشنل جونيئر ۽ وومين اسڪواش چيمپيئن شپ وومينز ٽائيٽل کٽيو. حذيفه شاهد بوائز انڊر 15 ۾، راحيل وڪٽر انڊر 13 ۾ ۽ ابان خان انڊر 9 ۾ چيمپيئن بڻيون. اختتامي تقريب ۾ خاص مهمان آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ ايربوم شرڪت ڪئي، جنهن انعام ورهايا ۽ مهمان اعزازي اسڪواش ليجنڊ جهانگير خان پڻ موجود هو. ٽورنامينٽ ڊائريڪٽر عدنان اسد ۽ ٻيا پڻ ان موقعي تي موجود هئا. سنڌ اسڪواش ايسوسيئيشن جي سرپرستي هيٺ پي ايس ايف جهانگير خان اسڪواش ڪمپليڪس، پي ايس بي ڪراچي سينٽر ۾ منعقد ٿيل چيمپيئن شپ ۾ سڀني ڪيٽيگريز جا فائنل ڪالهه کيڏيا ويا، جنهن جي انعامي رقم 800,000 رپيا هئي. عورتن جي فائنل ۾ سعديه گل داميا خان کي شڪست ڏني، ڇوڪرن جي انڊر 15 فائنل ۾، سنڌ جي حذيفه شاهد ڪي پي جي دانش سڪندر کي شڪست ڏني، ڇوڪرن جي انڊر 13 فائنل ۾، ٽاپ سيڊ راحيل وڪٽر فهد خان کي شڪست ڏني، ۽ ڇوڪرن جي انڊر 9 فائنل ۾، نمبر 2 سيڊ ابان خان ٽاپ سيڊ ايم بن نسيم کي شڪست ڏني. ياد رهي ته چيمپئن شپ ۾ ملڪ جي مختلف شعبن ۽ صوبن، جن ۾ واپڊا ۽ آرمي شامل آهن، جي 200 کان وڌيڪ رانديگرن حصو ورتو.