ڪراچي: خوراڪ کاتي جي گم ٿيل ڊي ايف سي دادو علي حسن مگسي جو ٻن هفتن کان ڪو به پتو پئجي نه سگھيو، سندس گمشدگي بابت اهي به افواهه هلن ٿا ته ادارن علي حسن مگسي کي حراست ۾ ورتو آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به اداري علي حسن مگسي جي گرفتاري جي تصديق يا وري ترديد نه ڪئي آهي. علي حسن مگسي خوراڪ کاتي جو انتهائي بااثر ۽ سسٽم جو آفيسر سمجھيو وڃي ٿو