اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب انٽرنيٽ سست رفتار هجڻ بابت ڳالهائي رهيو هو، جيئن هن الزام ايجنسين تي هڻڻ شروع ڪيو ته تقرير ڪٽي وئي، بي بي سي موجب قومي اسيمبلي جي يوٽيوب چينل تي اها تقرير سڌي ريت ڏيکاري پئي وئي. عمر ايوب چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيٽ سلو هجڻ جو ڪارڻ سمنڊ ۾ ڪيبل جو فالٽ ناهي پر انٽيليجنس انهي لفظ سان ئي پارليامينٽ جي لائيو اسٽريم بند ٿي وئي، ڪجهه سيڪنڊن جي وقفي بعد عمر ايوب جي تقرير اڳتي ٻڌائي وئي.