سکر(بيورو رپورٽ) سکر آرٽس ڪائونسل پاران ھفتيوار ادبي ليڪچر سيريز شاھ لطيف ادبي ڪلاس جي سلسلي ۾ ليکڪ صدر الدين سامي سر سسئي تي ليڪچر ڏنو. ليڪچر ۾ اديبن شاعرن، عالمن ۽ شهرين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. صدر الدين سامي ليڪچر ڏيندي چيو ته سسئي سر ھڪ آهي باقي ان جا منظر آھن، سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي باقي ليکڪن لطيف سرڪار جي رسالي کي يڪراءِ طور مڪمل ناھي ڪيو. گنج ۾ سسئيءَ تي ساڍا تيرنهن سئو بيت ملن ٿا. گنج جو گھڻو مواد سر سسئيءَ تي آھي. ھن سر ۾ لطيف سماجي رڪاوٽن جا سبب به ٻڌايا آھن. لطيف جي رسالي جو مطالعو حالتن سان ڀيٽڻ گھرجي. ان وقت جي حالتن، حڪمرانن، عوام جي حالتن کي ھن سر ۾ چٽيو آھي، چون ٿا ته پيءُ ماءُ سسئيءَ جي پيدا ٿيڻ تي حالتن کان خوفزده ٿي کيس صندوق ۾ وجھي لوڙھين ٿا. لطيف سماج کان بي خبر نه ھو لطيف دنيا جي ان منزل تي پھتل آھي جتي باقي شاعر ناھن پھچي سگھيا. سسئي لطيف به آ، سنڌ به آ، تون به آن، مان به آھيان. لفظن جا الاھي مونجھارا آھن جيڪي اسان سمجھي ناھيون سگھيا. لطيف پنھنجي شاعري ۾ چئي ٿو ته پنھنجي زندگي مقصد رکي گذاريو. لطيف شاعري ۾ پھاڙ جبل پٿرن جي ڀيٽ معاشري جي لاءِ ناسور بڻيل رسمن سان ڪئي آھي.