سر نوائي نيٺ ڀڄندو سامراج!

0
30
سر نوائي نيٺ ڀڄندو سامراج!

ڏيڍ صديءَ کان ھلندڙ سنڌـ پنجاب پاڻي تڪرار  ورھاڱي کان پوءِ 1960 واري پاڻي معاھدي تحت امڪاني طور تي حل ٿي به وڃي ھا جيڪڏھن وفاق جمھوري اصولن تي عمل ڪندي منصفاڻي طور تي آبپاشيءَ تي  آباد مُھڙ (يعني پنجاب) ۽ پوڇڙ (يعني سنڌ)  ٻنھي ڌُرين کي پاڻي جي ورڇ متعلق ھندستان سان ڳالھ ٻولھ لاءِ اماڻي ھا. سنڌ سان تاريخي ستم ظريفي ۽ ويساھ گھاتي اھا ٿي جو وفاق صرف پنجاب جي وزيرن ۽ مُشيرن تي ٻڌل وفد پاڪستان جو واحد نمائيندگي طور مقرر ڪري سنڌ کي نه صرف نظرانداز ڪيو پر آبپاشيءَ جي پوڇڙ وارِي ڌُر يعني سنڌ جي پرپُٺ مُھڙ واري ڌُر جو فيصلو/ٺاھ سنڌ تي مڙھيو. سنڌ پاڻي ڪيس تي سخت موقف اختيار ڪندي بيٺي رھي ۽ ھوڏانھن پنجاب آبپاشيءَ جا سمورا عالمي توڙي فطري قانون ٽوڙيندي سنڌ جي پاڻي تي جبري قبضو جاري رکندو پئي آيو. ان هوندي به 1975 تائين سنڌو درياءُ جو 75 فيصد پاڻي سنڌ صوبي کي ملندو هو. 16 مارچ 1991 تي واٽر اڪارڊ پاس ٿيو، جيڪو به اثرائتو حل ثابت ٿي نه سگهيو ڇاڪاڻ ته ان ۾ پنجاب کي 55.94 ملين ايڪڙ فوٽ (MAF)، سنڌ کي 48.76 ايم اي ايف، ڪي پي ڪي کي 8.78 ايم اي ايف، بلوچستان کي 3.87 ايم اي ايف پاڻي منظور ٿيو، يعني بدنيتي تي ٻڌل ان پاڻي معاهدي ۾ پنجاب جي هڪ هٺي ۽ بالادستي برقرار رهي.

ارسا جي انگن اکرن موجب 1999 کان وٺي 2023 تائين پنجاب ۾ پاڻي جي کوٽ 15 فيصد آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 45 فيصد  آهي. پاڻي جي انهي کوٽ سبب سنڌ ۾ 18 ملين ايڪڙ (هڪ ڪڙور 80 لک ايڪڙ)  زمين، جيڪا آباد ٿيڻ جهڙي آهي، پر نه پئي ٿي سگهي. وري سنڌو درياءُ تي جيڪي نوان 6 ڪينال ڪڍيا پيا وڃن، جيڪي 1.2 ملين يعني 12 لک ايڪڙ زمين آباد ڪندا، انهن سان پيدا ٿيندڙ پاڻي جي قلت سان سنڌ اندر وڌيڪ 12 ملين يعني هڪ ڪروڙ 20 لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿيندي.

پاڪستان جي ڪيل تاريخي ويساھ گھاتيءَ مان اھو ته واضح ٿي ويو ته پاڪستان مڙئي نالي ۾ وفاق ۽ جمھوريت آھي، پر عملي طور بيٺڪي ۽ آمريتي رياست آھي. پليجو صاحب لکي ٿو ته: “ڪوبه ماڻھو اھو ڄاڻي سڄاڻي نه سگھيو ته ايندڙ ورھين ۽ ڏھاڪن ۾ ، سنڌ جي ماڻھن، جن ڀارت کي آزاديءَ جو جوڌو، ھندستاني مسلمانن کي رھبر ۽ پاڪستان کي قائدِ اعظم جھڙو باني ڏنو، لاءِ ڏاڪي به ڏاڪي، ڪھڙي زبردست تناسب ۾ ڪيتري وڏي تباھي رچائڻ جو ارادو ڪيو ويو ھو.“

نيٺ سنڌي قوم سجاڳ ٿي آھي ۽ اھا سجاڳي جن وانگر اوچتي نروار نه ٿي آھي بلڪي تاريخي، سماجي، سياسي، ادبي ۽ ثقافتي اوسر ۽ ارتقا جو نتيجو آھي جنھن ۾ مخصوص گروھ جي چنبي ۾ جڪڙيل وفاق جي ٻھروپيائي محڪوم قومن اڳيان تاريخ جي انهن دورن ۾ وقت سر ظاھر ٿيندي پئي آئي. وفاق جي نالي تي رچايل ڪوڙي کيل ۾  اردو ٻولي جو گھڻ ٻوليائي ۽ گھڻ قومي مُلڪ جي واحد قومي ٻولي ٿيڻ کان وٺي سنڌو تي هن وقت 80 ڊيم، 19 بيراج ۽  50 ڪينال ھئڻ باوجود به ڇھن نون ڪينالن جي دريا دشمن،  ماحول دشمن، ۽ سنڌ دشمن رٿا تائين وفاق جون سڀئي پالسيون ملڪ کي خطري ۾ وجھي رھيو آھن. بلوچستان ۾ ھلندڙ موجوده صورتحال سميت پختونخوا جا مامرا توڙي سنڌ ۾ دريا ۽ ڌرتي خاطر اڀري آيل عوامي تحريڪ وفاق لاءِ چتاءُ ھئڻ باوجود رياست پنھنجي پاليسين تي نظرثاني جو نالو نه ٿو وٺي ته يقينن لڳاتار نظرانداز ٿيندڙ عوامي ردِ عمل وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگھي ٿو. خاص ڪري سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط تحريڪ جي صورت وٺي سگھي ٿي ڇاڪاڻ ته تاريخي طور تي ھن خطي ايم آر ڊي تحريڪ جي صورت ۾ ايوبي آمريت جي ڪاري دور ۾ نئين صبح جو سج اڀاريو، 4 مارچ 1967 واري شاگرد تحريڪ ون يونٽ خلاف جنگ جوٽي سڄي مُلڪ ۾ جمھوريت جي بحالي آندي، 2007 واري وڪيلن جي تحريڪ مشرف جي آمريت جا تختا اونڌا ڪيا. چوڻ جو مطلب ته سنڌ مان  ھر دور ۾ ڌرتي، پاڻي ۽ وسيلن جي مالڪي  ڀرپور نموني سان پئي ٿيندي رهي آھي، انڪري ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياء تي ڇهن ڪئنالن خلاف ھلندڙ “اينٽي-ڪئنال موومينٽ” ھڪ سگھاري مزاحمتي تحريڪ بڻجي اڀري رھي آھي، جنھن ۾ ھڪ پاسي سڄي سنڌ جي عوام خاص ڪري شاگرد، وڪيل ۽ صحافي هنگامي طور تي تحرڪ ۾ اچي چڪا آهن ته ٻئي پاسي اٽي ۾ لوڻ برابر پنجابي هاري، وسيب جي سرائڪي عوام ۽ چولستان جا مقامي رھاڪو پڻ زميني والار خلاف دانھين رھيا آھن.

چولستان جي اصلي ۽ مقامي آبادي جو  فوجي ڪمپنين کي مقامي زمينون منتقل ڪرڻ واري فيصلي خلاف احتجاج کائن چولستان ڪئنال جي نالي تي زمينون کسي دربدري خلاف آهي. هنن لاهور هائي ڪورٽ ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪئي، جنهن  تاريخي فيصلي ۾ نگران حڪومت پاران اختيار اورانگهڻ تي سخت سوال اٿاريا. پر 26هين ترميم کان پوء قانون ۽ انصاف جون تقاضائون پوريون ڪندڙ عدالتي فيصلا اثر رسوخ ۽ دٻاءُ وسيلي رد ڪرائڻ جي نئين ٽرينڊ سبب اثرائتا فيصلا هاڻ متوقع نه آهن. اهڙي ريت سنڌ جي نگران حڪومت به ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ساڳي ڪمپني کي زمين ڏئي اختيار اورانگهي صوبي ۾ انتهائي سنگين افراتفري واري صورتحال کي جنم ڏنو، جنهن کي موجوده حڪومت جاري رکيو پئي اچي. پ پ طرفان آيل ترديدي بيان ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ڪيل ٺهراءُ هڪ دوکي سواء ڪجهه به نه آهي ڇاڪاڻ ته پ پ وفاق جو حصو آهي. ٻيو ته قانوني طور تي وفاق سنڌ اسيمبلي جي پاس ڪيل ٺهراء جي پابند نه آهي. وفاق کي پابند بڻائڻ لاء ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جو فيصلو يا اعتراض قانوني حيثيت رکي ٿو.

معاملو صرف ڪئنالن جو ناهي بلڪ، ڪارپوريٽ فارمنگ جو آهي، جنهن جي ڪري ئي سنڌو دريا مان ڇهه ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن، پر سنڌ اسيمبلي جي پاس ڪيل ٺهراء ۾ ڪٿي به ڪارپوريٽ فارمنگ جي مد ۾ سنڌ جي زمينون ڪمپنين کي غيرآئيني طور منتتقل ڪرڻ جو ڪو به ذڪر نه ٿو ملي. ان مان دستاويزي طور تي اهو ثابت ٿئي ٿو ته گرين پاڪستان انيشيئيٽِوَ جي مد ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاء سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين فوجي ڪمپنين جي حوالي ڪرڻ ۾ پ پ جي مڪمل رضامندي آهي، جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پ پ جو اصل فلسفو ڪري ڪوٺيو آهي. ڪئنالن خلاف پ پ جا اعلانيل نام نھاد احتجاج  سنڌي عوام کي گمراھ ڪرڻ جي ھڪڙي ناڪام ڪوشش آھن ڇاڪاڻ ته اھا پ پ جي پاليسي به رھي آھي ته ھو رياست ۾ عوامي چِڙ کي گھٽائڻ جو ڪم سرانجام ڏيندي آھي. ان ڪري سنڌو دريا تي ڪئنال ڪڍڻ سميت ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ پ پ سڌيءَ ريت ملوث ھئڻ کان انڪار ڪرڻ واري حالت ۾ به نٿي رھي. ‘سنڌو درياء بچايو تحريڪ’ عوامي تحريڪ بڻجي سنڌ ۾ نه صرف 16 سالن کان حڪومت ڪندڙ پ پ جي اک ۾ ڪنڊو ٿي بيٺي آهي پر ايندڙ وقت لاء نئي قيادت سميت صوبي ۾ سياسي ماحول پڻ جوڙي رهي آهي.

هلندڙ عوامي تحريڪ کي مڪمل منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌو دريا، جيڪو فقط پاڻي جو دريا نه پر سنڌ ۽ سنڌين لاء جياپي ۽ بقا جو سوال آهي، تي ڌاڙي خلاف سنڌ جا لکين شاگردن، وڪيل ۽ ترقي پسند توڙي قوم پرست سياسي ڌُريون هڪ سگهارِي طاقت طور اڀري اڳيان ته اچي چڪيون آھن، پر  ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر تعليمي اداري جا شاگرد، بارن جا وڪيل، ۽  ڳوٺن ۽ شھرن جون ترقي پسند توڙي قوم پرست پارٽيون پاڻ مرادو اول ھيٺين سطح تي الڳ الڳ ۽ پوءِ مٿين سطح تي گڏيل ‘سنڌو دريا بچايو ايڪشن ڪميٽيون“ تشڪيل ڏئي متحده طور تي سنڌ ڌرتي لاء منظم تحريڪ  (شاگردن ڪراچي مان ‘سنڌو بچايو شاگرد اتحاد’ جوڙي شاگرد تحريڪ جو اعلان ڪيو آھي) جوڙين. اهڙي ريت سنڌ جي سمورين يونيورسٽين، بارن ۽ شھرن مان شاگردن، وڪيلن ۽ سياسي ڌُرين  تي مشتمل ڪاميٽيون ۽ ليڊرشپ اڳيان ايندي، جن جي  گڏيل ميٽنگ ڪوٺائي گڏيل اڳواڻي هيٺ هڪڙي وڏي گڏيل منظم ملڪ گير تحريڪ جو اعلان ٿئي ته وقت جي آمرن جي چنبي مان سنڌو دريا ته آزاد ٿي ويندو پر حاڪم اشرفيا جي مفادن جي خدمت ڪندڙ ھن جديد نوآبادياتي ۽ بيٺڪيتي رياست جي سمورن آمرن جا تختا به پلٽي سگھبا:

ڪيستائين رهندو آخر هي فريب

مدتن کان آ زمانو منتظر،

ڪَر ٿو موڙي هت نئون ڪو دَور ڏس-

ڏس ته ڏورانهين اُفق تي پِرهه آ جاڳڻ لڳي،

چاڪ ٿيندو ظلمتن جو پردهءِ تاريڪ تر،

هر طرف روشن حقيقت ٻهڪندي،

سر بلند ٿيندو وري هت لوڪ راج،

سر نوائي نيٺ ڀڄندو سامراج!

(سراج الحق ميمڻ)