سر ليلان – چنيسر جو فلسفو

0
235
سر ليلان - چنيسر جو فلسفو

چئي چنيسر ڄامَ سين، ليلان ! لکاءِ مَ توُن،

ايءُ ڪانڌ ڪنهن جو نه ٿئي، نه ڪاموُن نه توُن،

رُوندِيوُن ڏِٺيوُن مُون، اِن دَرَ مٿي دادليون.

     (ليلان  چنيسر، 2-18)

 مٿيون بيت شاهه صاحب جي سُر ليلان  چنيسر جي داستان ٻئي ۾ ارڙهون نمبر بيت (رسالو شاهواڻي) آهي. هن سُر ۾ خاص طور خطا ٿيڻ ۽ پوءِ جي شدت واري پڇتاءُ بعد مالڪ طرفان مهر جي نظر ٿيڻ جي موضوع کي بيان ڪيو ويو آهي. ليلان  چنيسر جو واقعو سنڌ جي ڪيترن سگهڙن ۽ شاعرن بيان ڪيو آهي پر لطيفي بيان جي ڳالهه ئي نرالي آهي. شاهه صاحب جو سڄو ڪلام سڪ ۽ سوز، وندر ۽ ورونهن، سچائي ۽ سخاوت، تصوف ۽ وحدانيت، امن ۽ انسانيت جي اپٽار آهي. سندس شاعري سونهن ۽ سچ جي نشانبر آهي سو هن واقعي کي به امر حيثيت ڏئي ڇڏي اٿس. انساني محبت ۽ نفسيات جي ڪيفيتن کي هن پنهنجي اعليٰ شاعراڻي شعور سان هڪ ماهر مصور جيان چٽيو آهي. ليلان  جا ايلاز ۽ منٿون، چنيسر جو ڏيهان ڏيهه ڏهڪار، عشق ۽ محبت، درد ۽ فراق، رسڻ ۽ پرچڻ، کلڻ ۽ روئڻ جا سڀ منظر پڙهندڙن جي اکين اڳيان واضح ٿي اچي بيهن ٿا. چنيسر جو ليلان  سان ايڏو اٿاهه پيار ۽ ايتري چري چاهت جو کيس ڪا خبر ئي نه پئي ته ڇا پيو وهي واپري ۽ جڏهن ريساڻو راجا سجاڳ ٿو ٿئي تڏهن ليلان  کي ڏهاڳ جو ڏنءُ ڏيندي دير ئي نٿو ڪري.در حقيقت دنيا جي سمورن فسادن جي جڙ بي جا خواهشون ۽ لالچون آهن. اهڙيون خواهشون جن ۾ لالچ سمايل هجي هميشه هيٺانهين درجي تي پهچائينديون آهن، جڏهن ڪا خواهش شدت اختيار ڪري جنون جي حد تائين پهچي وڃي، تڏهن ان جو انجام هميشه ناڪاري ئي ٿيندو آهي. ليلان  هارَ تي هرکجي، چنيسر جي چاهت ۾ ايترو ته چري ٿي وئي، جو کيس اها خبر ئي ڪانه پيئي ته سندس اها انڌي لالچ ۽ انڌي محبت کانئس ڪانڌ قربان ڪرائيندي ۽ هيڏي وڏي هاڃي کيس پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. هوءَ فقط ليلان ئيندي رهي. ڏٺو وڃي ته لالچ هميشه خواهش مان جنم وٺندي آهي ۽ خواهش کي قابو رکڻ ۾ وڏو ڪم انسان جو نفس ئي ادا ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن هو نفس جي گهوڙي کي قابو رکي ۽ ضرورت ۽ خواهش ۾ فرق کي ڄاڻي ته ڪڏهن به ساڻس اهي هاڃا نه ٿين جن کان پوءِ پڇتاءُ سندس مقدر بڻجي. حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته “زندگيءَ کي ضرورت تائين محدود رکو ۽ ضرورت فقيرن جي به پوري ٿيندي آهي ۽ خواهشون بادشاهن جون به رهجي وينديون آهن” ۽ اهو به فرمايو اٿن ته “ڪوشش ڪريو ته توهان دنيا ۾ رهو ۽ دنيا توهان ۾ نه رهي، ڇو ته ٻيڙي جڏهن پاڻيءَ تي رهندي آهي، ته اها ترندي رهندي آهي ۽ جڏهن پاڻي ٻيڙيءَ ۾ اچي ويندو آهي ته اها ٻڏي ويندي آهي”.خواهشون رکڻ عيب ڪونهي پر بي جا ۽ غلط خواهشون حياتيءَ جو سڪون وڃائينديون آهن ۽ پوءِ انسان کي بري ۽ ڀلي ۾ تميز نٿي رهي ۽ شين جي محبت جڏهن دل ۾ وسي ويندي آهي، تڏهن انهيءَ دل جو مالڪ اتان لڏي ويندو آهي، پوءِ فقط اميدن ۽ لاحاصل خواهشن کي ممڪنات ۾ بدلائڻ جا ڀَوَ هوندا آهن، سچيءَ محبت جو جذبو پاڪ ۽ شفاف آهي جيئن ڌڻي سڳوري کي پنهنجي محبت ۾ شراڪت جو جذبو پسند ڪونهي هو سڀ ڪجهه معاف ڪري ٿو، پر شرڪ کي معاف نٿو ڪري، تيئن دنياوي طور پڻ محبت ۾ ٻيائي محبتين وٽ معافيءَ جوڳو عمل نه آهي، شاهه صاحب فرمائي ٿو ته،

وڏيري هُياس، چنيسر جي رَاڄَ ۾،

دُهليِن دَمامِين، نقُرين ٿي پلپل پُڇياسِ،

هُيس دادِلي دوسنِ جي، کَڻِي هارَ هَلڪِي ڪَياس،

تِهان پوءِ ٿِياسِ، ڪانِيارِي ڪَانڌَ جِي.

    (ليلان  چنيسر، 2-5)

ليلان جي واتان عيبن جا اعتراف آهن ۽ پڇتاءُ جي پيڙا آهي ڏٺو وڃي ته آزي نيزاري ۽ التجا ٻانهي جو هٿيار هئڻ گهرجي، پاڻ پڏائڻ ۽ سينو ساهڻ شيطاني رستو آهي جنهن سان ڪئي ڪمائي ڪُٽ ٿي ٿي وڃي. ليلان  ڪيڏي نه مانائتي هئي؟ هاڻي کيس مڪمل احساس آهي ته اها وڏيرائپ نه سندس ڏات هئي ۽ نه سندس ڏانءُ هو. اها ته فقط دوس داسڙي جي مهرباني هئي. سندس واتان ڀٽ ڌڻي ماضيءَ جا ڏک ٿو سارائي،

الا اڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيُون ڏُک ڏسن،

مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

    (ليلان  چنيسر، 2-6)

هتي ليلان، ڪريم جي ڪيل ڪرمن کي ياد ڪندي اهو مڃي ٿي ته مون خود کي “عقلِ ڪل” سمجهيو. عام طور ڏاهپ مان مراد عقل ۽ سمجهه جي ورتي ويندي آهي ۽ ڀورائي اهڃاڻ آهي بي عقليءَ جو، پر هن بيت ۾ اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته “ڏاهي مَ ٿيان” يعني “شل مون کي عقل ئي نه هجي” اهڙو گفتو شاهه صاحب پنهنجي هن سُورميءَ کان ڪيئن چورايو آهي؟ جڏهن ته عقل ۽ سمجهه ته خدائي نعمت ۽ هڪ وڏو عطيو آهي ۽ اهو اعليٰ عطيو ته پيغمبرن ۽ نيڪن جو ورثو آهي پوءِ ان کي ڇو نِنديو ويو آهي؟ غور ڪرڻ سان واضح ٿئي ٿو ته هيءُ اهو عقل ۽ ڏاهپ ڪانهي جا پيغمبري سمجهه ۽ ڏاهپ آهي، بلڪه هيءَ ڏاهپ اها آهي جنهن کانپوءِ انسان پاڻ کي “عقلِ ڪل” ۽ خودمختيار سمجهندو آهي ۽ اتان ئي نفس جي گمراهي شروع ٿي وڃي ٿي ۽ جنهن ليلان کي به چنيسر راجا جي دل تان لاٿو. هتي “ڀورائيءَ” مان مراد ها سادگي ۽ نهٺائي آهي، جنهن ۾ بندي جو عاجزيءَ سان محبوب کي مانائتو ڪرڻ ۽ پنهنجي “خودي” ۽ “پاڻ پڻي” کي ختم ڪرڻ آهي. مطلب ته ڀورائي بي عقلي هوندي به عقل آهي ۽ بي سمجهائي هوندي به سمجهه ۽ ڏاهپ آهي، جنهن ۾ ڪريم جا ڪروڙين ڪرم ٿين ٿا ۽ انهيءَ جي ابتڙ ڏاهپ ئي اهو شيطاني فخر آهي، جيڪو هميشه لاءِ هيٺانهين تي لعنتي ڪرائي پهچائي ٿو ۽ انهيءَ کان پوءِ فقط ۽ فقط پڇتاءُ ۽ آزيون ۽ نيزاريون ٿيون بچن، سي به شل قبول پون. آزين ۽ نيزارين کان پوءِ ليلان ئڻ ۽ منٿن کان پوءِ به نڌر کي نوازڻ هُن غفار الذنوب جو ڪم آهي، جتي فقط ڪيرت ڪرڻي آهي ۽ رحمت مان مايوس به نه ٿيڻو آهي “لاتقنطو من رحمت الله” يعني الله تعاليٰ جي رحمت مان مايوس نه ٿيو. هُن مالڪ کي، دل جي صفائي گهرجي ۽ هو داسڙو ته دليون ٿو پرکي ان ڪري شاهه صاحب چوي ٿو ته:

جي ليلان ئي نَه لهِين ته پُڻ ليلان ئج،

آسَرمَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.

    (ليلان  چنيسر، 2-21)

شاهه صاحب جي هن سڄي سُر ۾ اها هدايت آهي ته لالچ کان بچو، هٺ، فخر ۽ غرور کان پاسو ڪيو. پنهنجي پاڻ کان ٿيل غلطين کي دل سان مڃي، پاند غريبيءَ گڏي، معافيءَ جا طالبو ٿيو ۽ سچيءَ دل جي اها معافي جنهن ۾ خوديءَ جو ڪوڙو ڀرم نه هجي ضرور قبول ٿيندي، سچيءَ محبت جو قدر ڪيو محبتن جا قدردارن ڪڏهن به ڏکيا ڪونه ٿيندا آهن. ليلان  تي چنيسر جا وڏا وڙ، وڏا قرب ۽ وڏيون عنايتون ۽ عطائون هيون. پر هڪ معمولي هيري تي هرکجي هيڏي بي بها دل واري ناياب هيري کي هٿان وڃايائين سو پيار ئي دنيا جي اصل حقيقت آهي، سچي پيار جو قدر ڪرڻ ۽ ان جي پرک ڪرڻ لاءِ صاف ضمير ۽ خالص دل ئي ڪسوٽي آهي. اخلاص، نياز ۽ ٻانهپ جي ٻولي هر هڪ ماڻهوءَ جي دل جيتڻ جو هٿيار آهي ۽ ان سان ئي هن زمين تي محبتون ۽ دلين ۾ وسعتون پيدا ٿينديون رهنديون.