سرھاري(ن پ ا) سرھاري پوليس ڦر جي وارداتن ۾ ملوث ڳوٺ جان محمد جمالي واسي رجب عرف عجب جمالي ۽ عبدالقدير جمالي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، پوليس موجب گرفتار ٻئي جوابدار ڪافي عرصي کان علائقي ۾ ڏوھن جي وارداتن ۾ ملوث هيا، هوڏانهن گرفتار ٻنھي جوابدارن جي وارثن سرھاري ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي تي علي دوست جمالي، علي گل جمالي، حاجي مولا بخش جمالي ۽ ٻين ڇيو ته ٻئي نوجوان ڏوهاري ناهن، پوليس ڪوڙ ٿي ڳالهائي، هنن ٻنهي ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جي گهر ڪئي.