سرھاري (ن پ ا)سرھاري ٿاڻي جي حد ۾ ذرعي زمين تي ويل 15 سالا نينگر سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش، مزاحمت تي گھٽا ڏئي قتل، تفصيل موجب ڳوٺ الياس ڪيريو ۾ زميندار حسين ڪيريو جي ٽيوب ويل تي ٻن جوابدارن 15 سالا نينگر پريم ڪمار ڀيل سان بدفعلي ڪرڻ جي ڪوشش، جڏهن ته مزاحمت تي جوابدارن نوجوان کي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پھچي نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن الزام ھڻندي چيو ته نينگر زمين تي ويل ھو، جتي ڳوٺ جي راول ڪيريو ۽ ٻين بدفعلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدارن نينگر کي گھٽا ڏئي قتل ڪري چڏيو، ھنن چيو ته جوابدارن اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي، انصاف ڪيو وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.