کورواھ (رپورٽ: ابراهيم مخدوم) لاڙ ۾ گذريل سال تباهي آڻيندڙ سم نالن جون کاٽيون نه ٿيون. هزارين ايڪڙ ساريالو فصل ۽ سوين ڳوٺ ٻوڙيندڙ امير شاھ سم نالو ملاحسن لغاري سم نالو فور ايل سم نالي سميت ڪيترن  ئي سم نالن جون کاٽيون نه ٿيڻ ڪري گند ڪچرو ڦٽي وييو، جنهن سبب اڪثر سم نالا لٽجي ويا آهن. جڏهن ته سم نالن ۾ لڳل گذريل سال وارا گهارا پڻ بند نه ٿي سگھيا آهن. سم نالن جا ڪپر ڊٺل هئڻ سبب برساتن ۾ ٻيهر ٻوڏ جو خدشو پيدا ٿي پيو آهي. ان سلسلي ۾ آبادگار سخت پريشان آهن. آبادگارن جاکرو نوحاڻي عبدالله پهنور آزاد سمون ۽ ٻين پهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙ ۾ گذريل سال برساتن دوران سم نالا هنڌان هنڌان ٽٽي پيا هئا سم نالن جو پاڻي ڳوٺن ۽ فصلن ۾ ڪاهي پيو هو جنهن ڪري هزارين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل ۽ ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا هئا هنن چيو ته هتي ڄاڻايل سم نالن جون کاٽيون گذريل 30 سالن کان ناهن ٿيون، تنهن ڪري سم نالا گند ڪچري سبب لٽجي ويا آهن ۽ ٻيهر ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي هنن چيو ته گذريل برساتن دوران چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ جي وزيراعلي سيد مراد علي شاھ پڻ سم نالن جو دورو ڪري صورتحال ڏٺي هئي پر افسوس جو هنن ڪو اهڙو قدم ناهي کنيو جو هتي جا ماڻهون برساتي ٻوڏن کان بچي سگهن. هنن مطالبو ڪيو آهي ته فوري ڄاڻايل سمن نالن جون کاٽيون ڪري رهواسين کي امڪاني برساتي ٻوڏ کان بچايو وڃي

کاٽي نه ٿيڻ جو سبب خراب حڪمراني۽ ڪرپشن آهي: نواز زئونر

کورواھ : سم نالين جي کاٽي نه ٿيڻ سبب ھر سال آبادگارن جو ڪروڙين جو نقصان ٿئي ٿوئ سم نالين جي کاٽيون نه ٿيڻ خراب حڪمراني ڪرپشن جي ڪري آھي اهڙن خيالن جو اظهار جئي سنڌ قومي پارٽي جي چئيرمن نوازخان زئور پهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ھر سال کاٽين جي نالي تي ڪروڙين روپيا ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي لاڙ جي ضلعن بدين ٺٽو سجاول ۾ سم نالا اٿلڻ سبب نه رڳو فصلن جو نقصان ٿئي ٿو پر ڳوٺن جا ڳوٺ به پاڻي ھيٺ اچن ٿا برساتن جا نيڪال بند آھن نيتجي ۾ ڳوٺن ۾ پاڻي ھجي ٿو ۽ فصل ٻڏڻ سبب آبادگار معائشي بدحالي جي ور چڙھي وڃن ٿا هن چيو ته  وقت سر سم نالين جون کاٽيون ڪرائي آبادگارن کي نقصان کان بچايو وڃي

نالن جي کاٽي نه ٿيندي ته پاڻي ڪيئن نيڪال ڪندا، هن سال اپاءُ نه ورتا ويا ته  اڳ کان وڌيڪ نقصان ٿيندو: آبادگار

کورواهه: آبادگارن جاکرو نوحاڻي عبدالله پهنور آزاد سمون ۽ ٻين پهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سم نالن جي کاٽي نه ٿيندي ته اتي وڌيڪ گند گاهه ڦٽندو. گھڻو گند گاهه ڦٽندو ته برساتن دوران پاڻي ڪيئن نيڪال ٿيندو؟ هنن چيو ته حڪومت هن الارمنگ صورتحال تي ڌيان ڏئي نه ته هن ڀيري اڳ کان وڌيڪ نقصان ٿيندو.