يونيورسٽيون خودمختيار ادارا آھن. يونيورسٽيءَ جي خودمختياريءَ مان مراد، اعليٰ تعليمي ادارن جي اها صلاحيت ته اهي تعليمي، مالي، ۽ انتظامي معاملن ۾ بنا ڪنهن ٻاھرين مداخلت يا سياسي دٻاءَ جي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪن. ان ۾ نصاب جي ترتيب، فيڪلٽي جي ڀرتي، تحقيق جي رٿابندي، مالي معاملن جو انتظام ۽ ادارتي اوليتن جي تعين جي آزادي شامل آهي. ساڳئي وقت، يونيورسٽيون جوابداريءَ جي اصولن تي عمل ڪندي سڀني اسٽيڪ هولڊرز اڳيان جوابده رهڻ جون پابند هونديون آھن.
علمي آزاديءَ جو تصور:
خودمختيار يونيورسٽين جو تصور وچئين دور جي يورپ مان شروع ٿيو، جتي 1088ع ۾ ٺهندڙ بولونيا (Bologna) يونيورسٽي ۽ پئرس يونيورسٽي پاڻمرادو هلندڙ ادارن طور پنهنجو پاڻ مڃرايو. اهي يونيورسٽيون آزاديءَ سان علمي مرڪزن طور ڪم ڪنديون رهيون، جتي نه ته جاگيردارن جو اثر هو ۽ نه ئي چرچ جو ڪنٽرول. روشنيءَ جي دور (Enlightenment) ۾ علمي آزاديءَ جي اهميت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو، ۽ ان کي سماجي ترقيءَ سان ڳنڍيو ويو. جديد دور ۾، خودمختياري اعليٰ سطح جي تعليمي ادارن جي هڪ خاصيت بڻجي وئي، جيڪا جدت ۽ انطباق compliancy کي وڌائڻ لاءِ ضروري سمجهي وئي.
عالمي سطح تي، خودمختياري اعليٰ تعليم جي معيار لاءِ ضروري سمجهي وڃي ٿي. جتي يونيورسٽيون پنهنجي خودمختياريءَ کي استعمال ڪندي جدت ۽ اعليٰ تعليمي معيار کي برقرار رکن ٿيون. اھڙيءَ طرح مختلف ملڪن ۾ يونيورسٽين کي وڌيڪ خودمختيار بڻائي سندن ڪارڪردگيءَ کي بھتر بڻايو ويو آهي، جيئن ويٽنام جي يونيورسٽين کي وڌيڪ خودمختياري ملڻ سان انهن جي ڪارڪردگي ۽ عالمي مقابلي جي صلاحيت بهتر ٿي آهي. ان جي ابتڙ، ڪجھه ملڪن ۾ يونيورسٽين کي اڳ مليل تعليمي خودمختياري گھٽائڻ سان انھن ادران جي ڪارڪردگيءَ تي ناڪاري اثر پيا آھن. جيئن ترڪيءَ ۾ تازين پابندين لڳڻ سان اتي جي يونيورسٽين جي علمي آزاديءَ ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جنھن سان سندن علمي ڪارڪردگي پڻ متاثر ٿي آھي، جيڪا عالمي تعليمي ماھرن جي تنقيد جو سبب بڻي آهي.
ترقي پذير ملڪن ۾، يونيورسٽين جي خودمختياري اڃان به وڌيڪ محدود آهي. جنھن ڪري انھن ملڪن جي اڪثر يونيورسٽين جي ڪارڪردگي خودمختيار يونيورسٽين جي مقابلي ۾ نه ھئڻ برابر آھي. ڇو ته سياسي، مالي ۽ بيورو ڪريٽڪ دٻاءُ ادارن جي آزاديءَ کي متاثر ڪن ٿا، جنهن سبب تحقيق ۽ تعليم جي ترقي رڪجي ٿي. بدقسمتيءَ سان، پاڪستان ۾ يونيورسٽين جي علمي خودمختياري مسلسل گھٽجي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت ۽ ڪارپوريٽ شعبي طرفان ڪارڪردگي، پيداوار ۽ ذميواريءَ جي نالي تي مداخلتون ٿي رهيون آهن. نئين آزاد منڊي واري دور ۾ يونيورسٽين جو ڪردار رڳو مزدور مارڪيٽ لاءِ خدمت فراهم ڪرڻ تائين محدود ڪيو پيو وڃي. هِي عمل انهن جي اهم ڪردار، يعني آزاد سوچ، جدت ۽ تحقيق کي فروغ ڏيڻ کي سنجيدگيءَ سان متاثر ڪري سگهي ٿو.
پاڪستان ۾ يونيورسٽين جي خودمختياري ختم ڪرڻ يا ان ۾ مداخلت ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن تي حڪومتن طرفان ڪيل فيصلن ۽ پاليسين جو جائزو وٺڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ته هِي مسئلو ملڪ جي اعليٰ تعليم واري نظام لاءِ هڪ وڏو چيلينج رهيو آهي. ساڳيءَ ريت اگر سنڌ جي يونيورسٽين جي خودمختياريءَ جي ڳالھ ڪئي وڃي ته انھن ادارن ۾ به يونيورسٽين جي خودمختياري مسلسل گھٽجي رھي آھي ۽ انھن ادارن ۾ صرف نالي ماتر خودمختياري بچي آھي، ليڪن ان نالي ماتر خودمختياريءَ کي به سرڪار قبولڻ لاءِ تيار نه آھي. جنھن جو مثال سنڌ حڪومت پاران يونيورسٽين واري قانون ۾ تجويز ڪيل تبديليون آڻڻ لاءِ سرگرم آهي. جنھن وسيلي قانون ۾ تبديلي ڪري پنھنجي من پسند ڪامورن کي يونيورسٽين جو وائيس چانسلر بڻائڻ لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻ آھي.
ڪامورن/بيوروڪريٽس کي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ يونيورسٽين جي بنيادي مقصدن سان ٽڪراءَ ۾ آهي، ڇو ته يونيورسٽيون علم، تحقيق، ۽ جدت جا مرڪز آهن، جتي تعليمي قيادت ئي ادارن جي ترقيءَ لاءِ اهم ھوندي آهي. معروف فلسفي جان ڊيوائي چيو آهي، “تعليم زندگيءَ جي نه فقط تياري آهي، پر پاڻ زندگي آهي”. ان قول مان واضح ٿئي ٿو ته تعليمي ادارا صرف انتظامي معاملا هلائڻ لاءِ ناهن، بلڪه علمي ۽ تحقيقاتي ترقيءَ لاءِ آهن. بيوروڪريٽس وٽ انتظامي مهارتون ته ٿي سگهن ٿيون، پر علمي ادارن جي ضرورت، علم، بصيرت ۽ تحقيقاتي قيادت آهي. مشھور فلسفي نوام چومسڪي مطابق، “تعليم جو مقصد سوچڻ جي آزاديءَ کي وڌائڻ ھوندو آهي“. ڪامورا، جيڪي حڪومتي حڪمن تي هلن ٿا، اھي تعليمي ادارن ۾ سوچڻ جي آزادي ۽ تحقيقاتي ماحول کي متاثر ڪن ٿا. انهن وٽ علمي پاليسيون ٺاهڻ ۽ نصاب کي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻ جي قابليت گهٽ هوندي آهي.
دنيا جي ترقي يافته ملڪن، آمريڪا، برطانيه، ۽ ڪئناڊا جهڙن ملڪن ۾، يونيورسٽين جا وائيس چانسلر تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل شخصيتون آهن، جيڪي علمي معيار کي بهتر ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي يونيورسٽين کي مڃتا ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ھڪ اڳوڻي وائيس چانسلر جان بيلا چيو آهي ته، “تعليمي قيادت علم ۽ تحقيق جي ذريعي معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ ضروري آهي”. بيوروڪريٽس جي قيادت ۾ يونيورسٽيون پنهنجي اصل مقصدن کان پري ٿي وڃن ٿيون ۽ انهن جو زور صرف مالي ۽ انتظامي مامرن تي رهي ٿو، جيڪو يونيورسٽين جي تعليمي معيار کي خراب ڪري ٿو.
معروف تعليمدان، ڊاڪٽر عبدالسلام چواڻي، “تعليم جو مقصد انساني ذهن کي جاڳائڻ آهي، نه ٿي ان کي دٻائڻ”. بيوروڪريٽس، جيڪي حڪومتي آرڊرن/حڪمن تي عمل ڪن ٿا، اڪثر ڪري تعليمي ادارن ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪن ٿا، جتي شاگردن ۽ استادن جي آزادي متاثر ٿئي ٿي. ڪامورڪي نظام جون پنھنجيون ترجيحات ھونديون آھن. جيئن نالي واري فلسفي ڪارل مارڪس ڪامورا شاهي جي وصف ۾ ڄاڻايو آھي ته “بيوروڪريسي/ڪامورا شاهي هڪ اهڙو ڍانچو آهي جيڪو ماڻهن کان طاقت کسي، ان کي ڪجهه ماڻهن جي هٿ ۾ ڏئي ٿو؛ بيوروڪريسي اڪثر ڪري عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ بدران، رڳو اشرافيه طبقن کي فائدو ڏئي ٿي”. ٽامس ڪارليل پڻ بيوروڪريسي کي هڪ اهڙي مشين سڏيو آهي، جتي ماڻهو جذبات کان خالي روبوٽ بڻجي ويندا آهن. مطلب ته بيوروڪريسي/ڪاموراڻو نظام ماڻهوءَ جي تخليقيت کي دٻائي، کيس مشين وانگر ڪم ڪار تائين محدود ڪري ٿو. انھن سمورين اوڻاين سبب سنڌ جي يونيورسٽيز واري ايڪٽ/قانون ۾ وائيس چانسلرن جي مقرري لاءِ جيڪا اھليت رکيل آھي، ان ۾ ٻين گھرجن کان علاوه لازمي شرط اھا به رکيل آھي ته اميدوار لازمي طور تي اعلي تعليمي اداري ۾ پروفيسر ھجي يا پروفيسر ٿيڻ لاءِ اھليت رکندو ھجي. جڏھن ته يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿيڻ لاءِ جيڪي شرط رکيل آھن، انھن ۾ پندرنھن سال اعليٰ تعليمي اداري ۾ تدريس يا تحقيق جو تجربو ھجڻ سان گڏوگڏ پي ايڇ ڊي ڊگري ۽ ايڇ اي سي جي منظور ٿيل ريسرچ جرنلس ۾ پندرهن ريسرچ آرٽيڪل ڇپيل ھجڻ گھرجن. ان کان علاوه ڏھن سالن واري اعليٰ عھدن جو انتظامي تجربو پڻ گھربل آھي.
افسوس جو ھينئر سنڌ حڪومت ان قانون ۾ ترميم آڻڻ لاءِ تمام گھڻو سرگم آھي. جنھن لاءِ ھنن يونيورسٽين واري قانون ۾ ترميم ڪري سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جتان اھو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو آهي. امڪان ڄاڻايو وڃي ٿو ته اهو بل شايد سنڌ اسيمبلي اجلاس مان حڪومت پاس ڪرائي. ياد رھي ته ان ترميم وسيلي سنڌ حڪومت پنھنجي من پسند ڪامورن کي يونيورسٽين جو وائيس چانسلر بڻائي انھن ادارن تي پنهنجو سڌو ضابطو آڻڻ چاھي ٿي. ان قانون ۾ تبديليءَ سان، بيوروڪريٽس/ڪامورن کي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ لاءِ راھ هموار ڪئي ويندي. اھا ھڪ مڃيل حقيقت آهي ته يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هڪ علمي رهنما هجڻ گهرجي، جيڪو علمي، تحقيقاتي، ۽ اداري جي ترقيءَ لاءِ جديد ويزن رکي ۽ ان تي عملدرآمد ڪري. قانون موجب، وائيس چانسلر جو ڪم علمي معيار کي بهتر ڪرڻ، تحقيقاتي منصوبن کي فروغ ڏيڻ، ۽ شاگردن جي سکيا ۾ نواڻ آڻڻ ھوندو آهي. جڏهن بيوروڪريٽس کي وائيس چانسلر بڻايو ويندو، ته اهي پنهنجن حڪومتي مفادن کي اوليت ڏيندا، جنهن سان ادارن جي خودمختياري متاثر ٿيندي. ڇوته ان قانون خلاف سنڌ صوبي جون سموريون سرڪاري يونيورسٽيون متاثر ٿيو آھن. استادن طرفان ان جي خلاف سخت موقف اچي رھيو آھي. ان حوالي سان فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشنس فاپوآسا سنڌ چيپٽر طرفان تازوئي ڪراچي يونيورسٽي ۾ سڏايل اجلاس ۾ سنڌ جي يونيورسٽين کي درپيش مختلف مسئلن، جن ۾ يونيورسٽين جي خودمختياري کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران مسلسل کنيل قدمن، يونيورسٽين واري قانون ۾ ترميم وسيلي ڪامورن کي وائيس چانسلر بڻائڻ لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻ، يونيورسٽين ۾ مستقل بنيادن بدران تي استادن جي مقرري بدران ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪرڻ، استادن کي ٻاھرين ملڪ ڪانفرنسن توڙي تحقيقي حوالي سان وڃڻ لاءِ گھربل اين او سي جيڪو ھينئر سڄي ملڪ وانگر سنڌ ۾ به ويسين وٽ آھي ان کي واپس يونيورسٽيز اينڊ بورڊز حوالي ڪرڻ، وفاقي حڪومت پاران استادن، رسرچرن کي ٽيڪس ۾ باقي رھجي ويل 25 سيڪڙو ڇوٽ به واپس وٺڻ، ۽ استادن جي مقرري لاءِ گھربل اجازت نامن واري شرطن ۽ يونيورسٽين کي درپيش مالي مشڪلاتن جي حل ۾ حڪومتي ڪن لاٽار جھڙي عملن خلاف سخت احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. انھن اھڙي قسم جي ترميم جنھن سان ڪامورن کي وائيس چانسلر بڻائڻ جو موقعو ملي ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ گذريل خميس ڏھاڙي کان سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ تعليمي سرگرميون معطل رھيون آھن.
سنڌ جون يونيورسٽيون اڳ ئي سھولتن ۽ تعليمي لحاظ کان پٺتي پيل آھن، ويتر سرڪار جي اھڙن عملن سان تعليم جو تمام گهڻو نقصان ٿيندو ۽ شاگردن جي تعليم متاثر ٿيندي. ان ڪري سنڌ جي يونيورسٽين لاءِ ضروري آهي ته بيوروڪريٽس کي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ واري ڪوشش ختم ڪئي وڃي ۽ علمي قيادت کي اهميت ڏني وڃي جيئن موجوده قانون ۾ ڄاڻايل آهي. ڇوته علمي وائيس چانسلر نه فقط تعليمي معيار کي بهتر بڻائي سگهن ٿا، پر عالمي سطح تي سنڌ جي يونيورسٽين جي مڃتا ۾ اضافو ڪري سگهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو مشهور مفڪر البرٽ آئنسٽائن چيو، “تعليم صرف سکڻ جو عمل ناهي، پر سوچڻ ۽ شڪ جي آزادي جو نالو آهي”. بيوروڪريٽس جي قيادت ۾ يونيورسٽيون اهو مقصد حاصل نه ڪري سگهنديون. علمي قيادت ئي ادارن جي ترقي ۽ مستقبل لاءِ بهترين رستو آهي. بيوروڪريٽس کي وائيس چانسلر بڻائڻ تعليمي ادارن جي ترقيءَ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو. تعليمي قيادت کي بيوروڪريسي جي حوالي ڪرڻ تعليمي معيار کي خراب ڪرڻ ۽ يونيورسٽين جي آدرشي مقصدن کان پري ڪرڻ برابر آهي. هڪ بيوروڪريٽ وائيس چانسلر جي بدران علمي وائيس چانسلر يونيورسٽي جي تعليمي معيار، تحقيقاتي ڪلچر، ۽ عالمي شراڪت کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ بهترين صلاحيتون ۽ ڏاهپ رکي ٿو.
اسان کي دنيا جي ڪامياب يونيورسٽين مان سکڻ گهرجي، جتي وائيس چانسلرز تعليمي ۽ تحقيقاتي ماهر آهن. مثال طور، هارورڊ يونيورسٽي جي موجوده صدر، ڪلاڊين گيٽينئر، هڪ علمي شخصيت آهي، جنهن جو زور تحقيقاتي ڪلچر کي مضبوط ڪرڻ تي آهي. جرمني جي هيڊلبرگ يونيورسٽي به اهڙي نموني تعليمدان وائيس چانسلرز کي اڳواڻ بڻائي ادارتي ترقيءَ کي يقيني بڻايو آهي. ڪامورا/بيوروڪريٽ وائيس چانسلر آڻڻ سان ڪيترائي نقصان ٿيندا آهن. پهريون ته بيوروڪريٽس جو زور علمي معيار کان وڌيڪ مالي ۽ انتظامي معاملا حل ڪرڻ تي هوندو آهي. ٻيو ته انهن وٽ تعليمي پاليسيون ٺاهڻ، نصاب ۾ نواڻ، ۽ تحقيقاتي منصوبن لاءِ مناسب بصيرت نه هوندي آهي. ٽيون ته بيوروڪريٽس جو رويو اڪثر ڪري حڪومتي حڪمن جي پابندي تي منحصر هوندو آهي، جيڪو تعليمي ادارن جي خودمختياري ۽ علمي آزاديءَ لاءِ نقصانڪار آهي.
ايڪويهين صدي ۾ يونيورسٽيون ڪنهن به ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿيون. اهي جمهوريت، سماجي انصاف، ۽ سوچڻ ۽ ڳالهائڻ جي آزاديءَ جي قدرن کي برقرار رکڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿيون. پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن يونيورسٽين کي هڪ سازگار ماحول ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، کين علمي خودمختياري مليل هجي، ۽ انهن جا اڳواڻ تحقيق ۽ علم جي روايت ۾ پختا هجن.