
سرڪاري وڪيل شاهه محمود قريشي جي وڊيو بيان کي ثبوت طور عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت آڏو سرڪاري وڪيل چيو ته شاهه محمود قريشي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي احتجاج جي ڪال ڏني، اهو ادارن مٿان حملن جو ترديد نه ٿيڻ جوڳو ثبوت آهي، وڊيو ثبوت جي روشني ۾ سندس گرفتاري ٺهي ٿي، شاهه محمود قريشي جي وڪيل چيو ته عدالت ۾ پيش ڪيل تقرير 16 سيپٽمبر جي آهي، ان جو 9 مئي واقعن سان واسطو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، هن رپورٽ يا تقرير ۾ ڪوبه اهڙو لفظ ناهي، جنهن تي ڪيس ٺاهيو وڃي، سرڪاري وڪيل چيو ته اهي 9 مئي جون وڊيوز آهن، جيڪي 16 سيپٽمبر تي مليون، عدالت ۾ شاهه محمود قريشي پنهنجي دفاع ۾ چيو ته تقرير ۾ پُرامن احتجاج جي ڳالهه ڪئي، وڊيو ۾ چيو هو ته قانون کي هٿ ۾ نه کنيو وڃي