سيراڻي: بدين جي سامونڊي پٽي جي يونين ڪائونسل سيراڻي، ڀڳڙاميمڻ، دودو سومرو، ٻهڊمي، پير فتح شاھ، احمد راڄو، ڪاڏي قاضيه سميت ڀرپاسي جي سرڪاري هاءِ اسڪولن توڙي پرائمري اسڪول ۾ ڪتابن جي کوٽ سبب سوين غريب مسڪين شاگرد ڪتاب خريدڻ کان لاچار بڻيل آهن، اسڪولن ۾ ڪتابن جي کوٽ سبب تدريسي عمل شروع ٿي نه سگهيو آهي، هتان جي شاگردن ۾ اساما علي، حيدر، اسماعيل ۽ ٻين چيو ته اسان اعليٰ اختيارين کان گهر ٿا ڪريون ته اسڪولن ۾ ڪتاب ڏنا وڃن، اسان غريب آهيون ڪتاب خريد نه ٿا ڪري سگهون.