سرڪاري نوڪري آهي يا بيگار؟!

0
143
سرڪاري نوڪري آهي يا بيگار؟!

سنڌ اندر لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ وانگر شايد ڪو سرڪاري ادارو هجي، جتي ملازمن کي گذريل 47 مهينن جي ماهوار پگهار نه ملي هجي. سنڌ هونئن به سورن جو ديس بڻجي چڪي آهي. قوم انيڪ مسئلن ۽ ڪرپشن جي عتاب هيٺ آهي. ڪير سمجهائي ته ادارا ڀتين جو نالو ناهن هوندا. پوري ريجن جي ترقيءَ لاءِ جوڙيل اداري جا ملازم ويچارا پگهارن جو انتظار ڪندي پنهنجي گهر جي وسامي ويل چلهو ڏسي رت روئي رهيا آهن. لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي بي پهچ ملازمن سان گذريل ستن سالن کان بيواجبي جاري آهي. جن سرڪار نامدار  کي مسلسل جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندي پئي احتجاج ڪيا آهن. نگران سيٽ اپ تائين لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي ملازمن ڪراچي وزير اعليٰ هائوس آڏو پگهارن لاءِ سراپا احتجاج بڻيل رهيا.

                 حقن جي حاصلات  ۾ ايل ڊي اي جي ملازمن مان، پنج ملازم انصاف نه ملڻ سبب فوت ٿي چُڪا آهن، جن وٽ ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين دوا لاءِ پيسا نه هئا. ڀلو ٿئي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بابر ٻگهئي جو جنهن ڊي ڊي او پاور وٺي ڪجهه رهيل گرانٽ مان گذاري ويل ملازمن جي وارثن ۽ ننڍڙن ملازمن جي چلهيون ٻارايون. توڙي جو 43 ڪروڙ 76 لک جي ڇهه ماهي گرانٽ منظور ڪرائي وئي آهي پر ان کي روڪائڻ لاءِ سازشون جاري آهن. نگران سيٽ اپ ۾ بلديات کاتي جي عملدارن ملازمن لاءِ منظور بجيٽ روڪرائي مورڳو اداري کي ئي بند ڪرائي ڇڏيو آهي.

لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن ۾ پيدا ٿيل هن معاشي مونجهاري  سبب ملازم نفسياتي پريشانين ۾ اضطرابن ۾ زندگيون گهاري رهيا آهن. مونجهارن ۾ مضطرب ملازمن جي داد رسي ٿيڻ گهرجي، سندن وسامي ويل چلهيون ٻرڻ گهرجن. هيءَ درد ڀري دانهن ورنائڻ وارو ڪوئي ته هجي! ڪير ته اچي جيڪو هنن جي سهائتا ڪري ۽ سندن ظلم جو ڪيس وڙهي.

سمجهون ٿا ته لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي ملازمن جو هي بکن ۾ پاه ٿيندڙ نٻل وجود، سندن اسڪولن کان ٻاهر ٻارڙا ڪميشن خوري ۽ ڪرپشن جهڙي موذي بيمار رويي سبب برپا ٿيو آهي.

گذريل ڏهاڪي سالن ۾ پيل اهڙي ٽرينڊ ملڪ جي ٻين صوبن سميت سنڌ ۾ قائم ڪيل اٿارٽيز ۾ ڪم ڪندڙ لکين ملازمن کي سندن ماهوار پگهار به ڪا نه پئي ملي،اهڙي صورتحال ۾ اٿارٽيز کي باءِ پاس ڪري پنهنجي من پسند ماڻهن ۽ ڪميشن سبب سڀ جا سڀ ٺيڪا پرائيويٽ ماڻهن کي وڏي واڪ ملي رهيا آهن، ترقياتي مد ۾ سنڌ  لاءِ ترقي تي ڪيتري بجيٽ مختص رکي ويندي آهي، تنهن جو اندازو اوهان پڙهندڙن کي شايد ضرور هوندو، تنهن جي باوجود به ملازم هر مهيني پگهار لاءِ ڪورٽ يا پريس ڪلبن تي وڃي احتجاج ڪري انصاف لاءِ رڙيون پيا ڪن. اهڙي صورتحال ۾ هڪ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ترقياتي بجيٽن جي لاءِ اربين رپيا مختص هوندي به سنڌ ۾ موجود اٿارٽيز ۾ ڀرٿي ملازمن کي پوريون پگهارون آخرڪار ڪهڙي سبب جي ڪري نه  ٿيون ملن؟