سرڪاري نوٽيفڪيشن ۾ ڏيپلو جي اسپيلنگ غلط ڇو لکي: شھري سراپا احتجاج

0
47

ڏيپلو (ن پ ا) ڏيپلو ۾ مختلف ڌرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو آهي،شھري اتحاد ڏيپلو، جميت علماءُ اسلام، عوامي تحريڪ، ارباب گروپ، پي ٽي آءِ، ڪولھي اتحاد ۽ ٻين پارٽين جي ڏنل سڏ تي محمد خان لنڊ، اوڀايو جوڻيجو، عمران باغي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان بدين بس اسٽاپ تائين ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي ۾ اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ت قديمي شھر ڏيپلو جي انگريزي اسپيلنگ Diplo مان Deeplo تبديل ڪري لکڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي، جڏهن ته انگريز دور به سئو سال کان مٿي عرصي تائين ڏيپلو i سان لکيو ويو آھي ۽ انگريزي گرامر ۾ i ۽ ڊبل ee ۾ ڪو به فرق نه آھي ته پوءِ i کي ختم ڪري ڊبل ee لڳائڻ جو ڪو به فائدو نه آھي، انه ڪري اسان جو مطالبو آھي ته ڏيپلو جي انگريزي اسپيل ساڳئي برقرار رکي وڃي ۽ جيڪڏهن ڊبل ee لڳايو ويندو ته نادرا ۔ڪاليج ۽ ٻين وفاقي ادارن ۾ نوجوانن جي سرٽيفڪيٽن ۾ ڏيپلو Diplo لکيل هئڻ ڪري مسئلا ٿيندا ۽ نوجوان مختلف مسئلن جو شڪار ٿيندا، هنن چيو آهي ته ڏيپلو جي اسپيلنگ وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي ۔ ڊي سي ٿرپارڪر کي ٿر ۾ عوام جا مسلا نظر نٿا اچن، ڇا اھي حل ڪرڻ بدران مال ھڙپ ڪرڻ لاءِ اھڙا نوٽيفڪيشن ڪڍي عوام کي گمراھ رھيو آهي، اھڙو ڪرپٽ ڊي سي ٿر جي عوام جي حقن تي ڌاڙا ھڻڻ لاءِ مختلف ھربا ھلائي ٿو. ھن قديمي شھر ڏيپلو جا رھواسي سموري دنيا ۾ رھن ٿا، ھن شھر مان تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستان ۾ جج، وڪيل. منسٽر. سيڪريٽري سميت ڪيترن ئي وڏن عھدن تي رھندڙ ڏيپلو واسي ڇا اڻ پڙھيل ھيا جيڪي ڏيپلو جي نالي کي برقرار رکيو. هنن چيو ته ھي ڪرپٽ ڊي سي پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجهي ٿو اسان مطالبو ڪريون ٿا ته جلد نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو ـ