سرڪاري ناڻو لٽائڻ لاءِ نه سنڀالي خرچڻ لاءِ آهي

0
42
حڪومت عوام جي کيسي مان اک ڇو نه ٿي ڪڍي ؟

جڏهن به ڪنهن ملڪ جي بجيٽ ايندي آهي ته ان مان خبر پوي ٿي ته ان ملڪ، صوبي يا علائقي جي حڪومت ڪيتري آمدني ڪئي آهي، ڪيترا خرچ ڪيا آهن ۽ ڪيتري رقم اجائي وڃائي آهي يا نه وڃائي آهي. اسان جي سنڌ جي بجيٽ پيش ٿي آهي ۽ ان جي دستاويزن مان جيڪي انڪشاف ٿي رهيا آهن اهي هوش وڃائڻ لاءِ ڪافي آهن. سنڌ جي بجيٽ جي دستاويزن جا انگ اکر ظاهر ٿي رهيا آهن، پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿيل صحت کاتي جي انگن اکرن ۾ به تمام وڏا انڪشاف ڪيا ويا آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ صحت کاتي جا شاهاڻه خرچ ڪيا آهن سفري ۽ اسپيشل سفري الائونس تي 22 لک، جهاز جي سفر ۽ پيٽرول جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 88 لک رپيا اڏايا ويا آهن. صحت کاتي جي سيڪريٽريٽ ۾ هلندڙ مالي سال 2021_22  دوران اختيارين پاران دل کولي خرچ ڪيو ويو آهي. ڪميونيڪيشن جي مد ۾ 55 لک 6 هزار، سفري الائونس جي مد ۾ 18 لک، اسپيشل سفري الائونس جي مد ۾ 4 لک 56 هزار رپيا، پيٽرول ۽ جهاز تي سفر جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 88 لک 94 هزار رپيا، اسٽيشنري خريداري جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 78 لک 33 هزار 920 رپيا، پرنٽنگ اينڊ پبليڪيشن جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 27 لک رپيا، اخبارن جي خريداري جي مد ۾ 6 لک 75 هزار روپيا، مختلف خرچن جو جواز ڄاڻائي 3 ڪروڙ 23 لک 34 هزار رپيا، ٽرانسپورٽ جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 94 لک 56 هزار، مشنري ۽ ٻئي سامان جي خريداري جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 94 لک 72 هزار رپيا، فرنيچر خريداري جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 57 لک 16 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا.

فرنيچر خريداري جي مد ۾ مختص ٿيل رقم مان خزاني ۾ رڳو 515 روپيا بچت ظاهر ڪئي وئي! پوسٽ ۽ ٽيليگرام تي 8 لک 82 هزار رپيا،ٽيليفون جي مد ۾ 9 لک 5 هزار رپيا، ڪوريئر ۽ پائلٽ سروس جي مد ۾ 11 لک 3 هزار رپيا، گيس استعمال جي مد ۾ 6 لک 75 هزار ۽ پاڻي جي مد ۾ 3 لک 39 هزار رپيا مختص ٿيل هئا، جن مان هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪيو ويو. ڊيپوٽيشن تي مقررين سبب ڊيپوٽيشن الائونس جي مد ۾ 52 هزار 700 رپيا ڪڍرايا ويا. 4 ڪروڙ 98 لک 65 هزار رپيا  جاري ڪيا ويا آهن. اسان سمجهون ٿا ته بجيٽ ۾ ڄاڻايل اها رقم خرچ ڪئي وئي آهي ته ان جو حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اها رقم ڪنهن کي نوازڻ لاءِ يا اوڻي پوڻي خرچ ڪرڻ لاءِ نه آهي پر اها رقم عوام جي ٽيڪس مان آيل آهي ان کي خرچڻ جو حساب ڪتاب هجڻ گهرجي. اها امانت آهي جنهن کي ايمانداري سان خرچ ڪرڻ گهرجي. مٿي ڄاڻايل ڪجهه رقم ته اهڙن مدن ۾ آهي جن جو هاڻ ڪو استعمال ئي نه آهي جنهن ۾ ٽيليگرام، پوسٽ، ٽيليفون وغيره شامل آهي هن دور ۾ جتي موبائل فون ۽ واٽس ايپ آهي ته اتي ان مد ۾ رقمون رکڻ جو ڪهڙو جواز ٺهي ٿو؟ اسان جو اهو به مطالبو آهي ته سنڌ ۾ خرچ ڪيل ان رقم جو مڪمل آڊٽ ٿيڻ گهرجي.

جيڪڏهن ڪا خيانت ثابت ٿئي ٿي ته انهن سمورن ماڻهن کي سزائون ملڻ گهرجن جيڪي ان خيانت ۾ حصيدار هجن يا وري انهن ان سلسلي ۾ ڪا سهولت فراهم ڪئي هجي. ان سان گڏ حڪمرانن کي به ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته هو سمورن خرچن ۾ شفافيت آڻين. جيڪڏهن حڪمران ايمانداري سان خرچ ڪندا ته پوءِ هيٺيون عملو، ڪاموراشاهي، ٺيڪيدار، ننڍا سرڪاري ملازم به سرڪاري ناڻو وڃائڻ کان پاسو ڪندا. ٿيڻ ته ائين به گهرجي ته جيڪو به شخص ايمانداري سان ڊيوٽي ڪري ان جي همت آفزائي ڪئي وڃي پر اسان وٽ ان جي ابتڙ ٿيندو آهي جو اهڙن سمورن ماڻهن کي سزا ملندي آهي جيڪي ايمانداري سان پنهنجا فرض انجام ڏيندا آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪمران ايمانداري اختيار ڪن ته جيئن معاشري ۾ به ڪرپشن جي حوصلا شڪني ٿئي ۽ ايمانداري واري ڪلچر کي هٿي وٺرائي سگهجي ان سان ئي معاشرو بهتر ٿيندو.