حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي سرڪاري ملازمن وفاقي ۽ سنڌ جي نئين سال جي بجيٽ کي رد ڪندي پگهارن، الائونس ۾ 50سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 25 سيڪڙو جي واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ سنڌ جي سرڪاري کاتن جي ملازم تنظيمن جي اڳوڻن اشرف بوزئي، اعجازڪاڪا، عبدالرشيد بلوچ، سيد سردار علي شاھه، قمبرقريشي ۽ ٻين ڪالھه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي ۽ سنڌ جي نئين سال جي بجيٽ کي ملازم دشمن قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته موجوده مهانگائي جي دور ۾ وفاقي حڪومت پاران ملازمن جي پگهار 10سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 7سيڪڙو ۽ سنڌ حڪومت پاران 16اسڪيل تائين 12سيڪڙو ۽ مٿي اسڪيل لاءِ 10سيڪڙو واڌ سرار ظلم ۽ ناانصافي آھي. هنن چيو ته 19جون تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران سمورن سرڪاري کاتن جا ملازم سنڌ اسيمبلي سامهون مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو هڻندا جيڪو مطالبن جي مڃتاتائين جاري رهندو.