اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ لاءِ تياري جاري آهي، جڏهن ته بجيٽ 26-2025ع ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ حڪومت پاران رليف پيڪيج ڏيڻ جي اميد آهي. ذريعن موجب ته گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن لاءِ 30 سيڪڙو ڊسپيئرٽي الائونس جي تجويز آهي، جڏهن ته گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن لاءِ 15 سيڪڙو  اصافو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز آهي، جڏهن ته 2022ع جو ايڊهاڪ الائونس بنيادي پگهار ۾ ضم ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي. ذريعن موجب هٿياربند فورسز کي ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم کان آجو رکڻ جي به تجويز آهي. حڪومت کي اتحادين به پگهارن ۾ اضافي جو مشورو ڏنو آهي. پگهارن ۾ اضافي جي لاءِ حتمي فيصلو بجيٽ کان اڳ ڪابينا اجلاس ۾ ڪيو ويندو.