اسلام آباد: وفاقي سرڪار اڄ نئين مالي سال 24-2023 جي 14 هزار 500 ارب رپين جي ماليت واري بجيٽ پيش ڪري رهي آهي
هڪ هزار ارب رپين جي خساري واري بجيٽ ۾ قرض ۽ وياج جي ادائگي لاءِ 7 هزار 300 ارب رکيا ويا، قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس اڄ شام 4 وڳي ٿيندو
ناڻي جو وفاقي وزير اسحاق ڊار نئين مالياتي بجيٽ پيش ڪندو، قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏني ويندي، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ واڌ جا امڪان آهن
ماهوار اُجرت به 20 هزار کان وڌائڻ جي اعلان جي به اُميد، اسحاق ڊار بجيٽ ۾ ايندڙ عام چوندن لاءِ 42 ارب روپيا رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
هي به پڙهندا