نفيس نگر: ريلوي جو سرڪاري لوهه چوري ٿيڻ جي حوالي سان اکين ڏٺن ڪجهه شاهدن پنهنجا نالاءِ ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي صحافين کي ٻڌايو ته ڄاڻايل سرڪاري لوهه اڪثر ڪري راتين جو چوري ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته گذريل رات اسان چورن کي پڻ لوهه چورائيندي اکين سان ڏٺو هو مگر هاڻي جيڪڏهن اسان چورن جا نالاءِ ظاهر ڪنداسون ته  پوليس چورن کي ڇڏي مرڳو اسان غريبن کي ڦاسائي ڇڏيندي ڇو ته  پوليس هميشه غريبن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيندي رهي آهي.