حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميونسپل آفيسرن جي ڀرتين خلاف داخل ڌار ڌار پٽيشنز تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي درخواست گذارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڄاڻايل معاملي خلاف ڪاميٽي ۾ اپيل داخل ڪرائين ۽ ڪاميٽي جو سربراهه 45 ڏينهن دوران سندن فيصلا ويب سائيٽ ۽ ڄاڻايل ايڊريس تي اماڻيندو. 22 صفحن تي مشتمل تفصيلي فيصلي ۾ عدالت اهو به ڄاڻايو آهي ته اميدوارن کي اپيل حق آهي ان لاءِ هو ايس پي ايس سي جي ريڪروٽمينٽ مئنجمينٽ ريگيوليشنز 2023ع جي سيڪشن 161 تحت اپيل داخل ڪرائي سگهن ٿا ۽ داخل اپيلن تي ڪميٽي جو سربراهه ايس پي ايس سي جو چيئرمين 45 ڏينهن دوران فيصلا جاري ڪندو. شهيد بينظير آباد، عمرڪوٽ، نوشهروفيروز سميت مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ 30 اميدوارن وڪيلن معرفت ڌار ڌار پٽيشنز داخل ڪرايون هيون. پٽيشنز تي گڏيل طور 21 ۽ 22 فيبروري تي جسٽس شمس الدين عباسي ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته اسان سيڪريٽري ايس پي ايس ايس کان پڇاڻو ڪيو هو ته ڇا اميدوارن جو تعلق سياسي اڳواڻن سان آهي جنهن تي هن ڪا به وضاحت نه ڏني جڏهن ته کانئس ڪميٽيز وٽ اميدوارن کان ورتل انٽرويوز جي آڊيو يا وڊيو رڪارڊنگ جي موجودگي بابت به پڇيل سوال ۾ هن پنهنجو جواب نه ۾ ڏنو. عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ٻيهر پابند بڻايو آهي ته ايندڙ سمورن امتحانن دوران نئون مڪينزم جوڙي اميدوارن کان ورتل انٽرويوز جي آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ ڪري اها ٽن سالن تائين اداري ۾ محفوظ بڻائي وڃي ٻي صورت ۾ هاڻي چيئرمين ۽ سيڪريٽري خلاف محڪماڻي ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويندو. عدالت فيصلي ۾ هي نوٽ به لکيا آهن ته اسان ڏکايل دل سان اهو رڪارڊ ڪرڻ تي مجبور آهيون ته جن ادارن کي آزاد ٿيڻو آهي انهن کي سياسي سببن جي ڪري آلوده ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سرڪاري عهدن تي اميدوارن جي چونڊ ڪرڻ وقت ميرٽ کي مڪمل نظرانداز ڪيو پيو وڃي. عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کي حڪم ڏنو ته ڪاميٽي جي ميمبر رضوان ميمڻ تي سنگين الزام آهن  جنهن خلاف جاچ ڪاميٽي جوڙي رپورٽ 2 مهينن دوران فراهم ڪئي وڃي. واضح رهي ته اميدوارن پٽيشنز ۾ ڄاڻايو هو ته انهن لکت وارو امتحان ۾ پاس ڪيو پر کين زباني انٽرويوز ۾ فيل ڄاڻائي ملازمتون من پسند ۽ سياسي اثر رسوخ رکندڙ اميدوارن کي ڏنيون ويون آهن.