نيو سعيد آباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ جي طرفان آبادگارن جي مسئلن بابت اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيدآباد جي آفيس اندر کليل ڪچھري ڪوٺائي وئي، آبادگارن جا مسئلا حل ڪرڻ، زرعي شماري، زرعي قرض ۽ بينظير هاري ڪارڊ بابت آگاهي فراهم  ڪرڻ لاءِ اي سي آفيس نيو سعيدآباد ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ کلي ڪچهري ۾ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران پهرين مرحلي ۾ سموري سنڌ جي هڪ ايڪڙ کان 25 ايڪڙن تائين جي 15 لک ھارين کي بينظير هاري ڪارڊ ڏنا ويندا کلي ڪچهري ۾ آبادگارن اين جي اوز پاران من پسند ماڻهن کي زرعي ڀاڻ، ٻج ۽ ٻيو امدادي سامان ڏيڻ، تپيدارن پاران سيل سرٽيفڪيٽ ۽ فوتي کاتن مٽائڻ ۾ لاءِ رشوت وٺڻ، جمالي مائنر سميٽ شاخن جي وارا بندي، روهڙي ڪئنال ۽ شاخن پڪي نه ڪرڻ سبب سم ۽ ڪلر سبب زمينن بنجر ٿيڻ، پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ سبب ڪينسر ۽ هيپاٽائيٽس جهڙيون بيماريون پيدا ٿيڻ سميت ٻين مسئلن بابت شڪايتون ڪيون.