اسلام آباد(بيورو رپورٽ) هلندڙ مالي سال دوران سرڪاري ادارن پاران ڏنل سبسڊيز، گرانٽس ۽ قرضن جا تفصيل سامهون اچي ويا. ناڻي وزارت سرڪاري ادارن کي ڏنل سبسڊيز ۽ قرضن جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪندي ڄاڻايوآهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن دوران سرڪاري ادارن کي 237 ارب جي سبسڊي ڏني وئي. ناڻي وزارت پاور سيڪٽر کي 218 ارب رپين ۽ پيسڪو کي 2 ارب 40 ڪروڙ رپين جي سبسڊي ڏني. گلگت بلتستان ۾ هائوسنگ فنانس تي سرڪاري ادارن کي 5 ارب 79 ڪروڙ ۽ ڪڻڪ تي 3 ارب 81 ڪروڙ رپيا سبسڊي ڏني وئي. سرڪاري ادارن کي گرانٽس جي صورت ۾ ڪل 644 ارب رپيا ڏنا ويا. وفاقي حڪومت بي آءِ ايس پي کي 232 ارب رپيا ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي 22 ارب 59 ڪروڙ رپيا گرانٽ ڏني وئي. وفاقي حڪومت ريلوي کي 26 ارب 66 ڪروڙ رپيا ۽ بيت المال کي 3 ارب جي گرانٽس ڏني. وفاقي حڪومت مختلف ٻين ادارن کي 359 ارب ارب 53 ڪروڙ جي گرانٽ ڏني. هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران سرڪاري ادارن کي وفاقي حڪومت طرفان 61 ارب رپين جو قرض مليو. اين ايڇ اي وفاقي حڪومت کان 48 ارب 32 ڪروڙ، اين ٽي ڊي سي 7 ارب 48 ڪروڙ رپيا قرض ورتو. جينڪو وفاقي حڪومت کان ساڍا 5 ارب قرض وصول ڪيو جڏهن ته  ايف بي آر رجسٽرڊ ٽيڪس ڏيندڙن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا آھن . پيش ڪيل انگن اکرن موجب ايف بي آر ۾ رجسٽرڊ ٽيڪس ڏيندڙ ڪمپنين ۽ ڪاروباري ماڻهن جو تعداد هڪ ڪروڙ 25 لک تائين پهچي ويوآهي. گذريل ٽن سالن ۾ رجسٽرڊ ڪاروباري ٽيڪس ڏيندڙن جي تعداد ۾ 53 لک جو اضافو ٿيو آهي. ايف بي آر ۾ رجسٽرڊ 82 لک ڪاروباري ماڻهو ۽ ڪمپنيون پنجاب جون نڪتيون، سنڌ جي 28 لک 76 هزار، خيبر پختونخوا جي 8 لک 18 هزار ڪاروباري ماڻهو۽ ڪمپنيون ايف بي آر ۾ رجسٽرڊ آهن. اسلام آباد ۾ 4 لک 67 هزار، بلوچستان ۾ 2 لک 21 هزار ڪاروباري ماڻهو ۽ ڪمپنيون ايف بي آر ۾ رجسٽرڊ آهن.