اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم نقصان ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري تيز ڪرڻ، ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ قومي صنعتي پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه نگران وزيراعظم جي صدارت ۾ مختلف شعبن بابت اجلاس ٿيا. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ نجڪاري ڊويزن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري، هوابازي واري وفاقي سيڪريٽري، نجڪاري واري وفاقي سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو حڪومتي مشينري جو اهم حصو آهي. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس سڌارن لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪن. هن ٽيڪس ڊاڪومينٽيشن جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ رابطو بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته اهڙيون سرڪاري ڪارپوريشنز جيڪي نقصان ۾ وڃي رهيون آهن انهن جي نجڪاري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي تيز تر ڪيو وڃي ۽ سموريون وفاقي وزارتون نجڪاري ڊويزن سان مڪمل تعاون ڪن. اجلاس کي ايف بي آر عملدارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ايف بي آر 9415 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، جولاءِ 2023ع جي 534 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 538 ارب جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون، جڏهن ته آگسٽ 2023ع جي 648 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 669 ارب رپين جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح وڌائڻ جي حوالي سان ڊجيٽل قدمن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ لاءِ ايف بي آر جي ڊيٽابيس کي باقي ادارن سان ڳنڍيو پيو وڃي، ايف بي آر 10 لک نئين ٽيڪس ڏيندڙن کي سسٽم ۾ آڻڻ جي هدف تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هلندڙ سال هڪ لک 82 هزار نوان ٽيڪس ڏيندڙ سسٽم ۾ شامل ٿيا آهن، پوائنٽ آف سيلز جو دائرو وڌيڪ شهرن ۽ ريٽيلرز تائين ترجيحي بنيادن تي وڌايو پيو وڃي، هن سال 20 هزار رٽيلرز پي او ايس ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي نجڪاري ڊويزن پاران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن، هوڏانهن هوڏانهن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي هڪ اجلاس ۾ واپار واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي 12 سيڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي، معاشي ترقي ۽ صنعتي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قومي صنعتي پاليسي جلد کان جلد جوڙي وڃي. نگران وزيراعظم خساري ۾ رهندڙ قومي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم کي موبائيل فونز جي مقامي تياري جي تازي پاليسي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو، ملڪ ۾ ايندڙ ٻن سالن ۾ 40 لک هينڊ سيٽ ٺاهي سگهبا جنهن سان درآمدي بل ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم کي قيمتي پٿرن ۽ معدنيات جي روانگي واپار کي منظم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، ان سيڪٽر سان ايندڙ ٻن سالن ۾ 2 ارب ڊالر جو روانگي واپار ممڪن ٿي سگهندو. نگران وزيراعظم روانگي واپار جي مڪمل صلاحيت حاصل ڪرڻ لاءِ مقامي ڪاريگرن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي لاڳاپيل هنر سيکارڻ جي لاءِ تربيتي پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم اجلاس ۾ ملڪ ۾ اي ڪامرس کي هٿي ڏيڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ويئر هائوسنگ جي استعمال تي زور ڏنو. جڏهن ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام شعبي جي حوالي سان جائزه اجلاس به ٿيو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ يونيورسٽين ۽ آءِ ٽي ماهرن جي تعاون سان ان شعبي جي تعليم پرائيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ عالمي معيار جي آءِ ٽي تربيت حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏني ويندي، ان قدم سان وڌيڪ 2 لک هنرمند ماڻهن جو آءِ ٽي صنعت ۾ اضافو ممڪن ٿي سگهندو جنهن سان ان شعبي جي روانگي واپار ۾ 5 ارب ڊالر تائين جو اضافو ممڪن ٿيندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي پليٽ فارم تان آءِ ٽي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جا سمورا هدف پورا ڪيا ويندا، سمورين يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي جي حوالي سان عالمي معيار جي تعليم ۽ هنر جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، حڪومت مقامي سطح تي تيار بائي ٽيڪ مصنوعات خاص طور تي سمارٽ فونز جي فروغ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي، هن چيو ته حڪومت فري لانسرز کي درپيش سمورن مسئلن جو پائيدار حل فراهم ڪندي.