سرپرستن جي ڄار ۾ ڦاٿل ايران

0
29

ايران جي صدارتي چونڊن جي خرابين تان پردو چاڪ هفتو کن اڳ تڏهن ٿيو جڏهن پرڏيهي وزير جي انٽرويو جي ريڪارڊنگ ليڪ ٿي وئي. مسٽر جواد ظريف انهي ليڪ ٿيل وڊيو ۾ چئي رهيو هو ته اسلامي انقلابي گارڊز ڪور (IRGC) روس جي مرضي ۾ منشا مطابق ملڪ کي شام جي گهرو ويڙهه ۾ڌڪي ڇڏيو. ايران جي سفارتڪاري کي فوجي تحفظات جي ماتحت بڻائي ڇڏيو. ايستائين جو ايٽمي معاهدي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. وڊيو ٽيپس انهن سڀني اڳڪٿين کي ختم ڪري ڇڏيو ته ظريف اصلاح پسندن لاءِ صدارتي اميدوار هوندو ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مذهبي عالمن جي حمايت يافته پراڻ پسندن ۽ اصولن پرستن کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. 18 جون تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ گارڊين ڪائونسل اصلاح پسند ۽ ماڊريٽ ڪيمپن مان سڀني مضبوط اميدوارن کي نا اهل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ موجوده نائب صدر اسحاق جهانگيري کان علاوه پارليامينٽ جو اڳوڻو اسپيڪر علي لاريجاني به شامل هو. جيتوڻيڪ هن حڪومت طرفان چيني قيادت سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. جنهن سان ايران جي هاڻوڪي چيف جسٽس ابراهيم رئيسي لاءِ روحاني جي جاءِ تي صدر ٿيڻ جا سڀ رستا صاف ٿي ويا آهن. 61 سالن جو رئيسي انقلاب جي انهي رينڪ مان اڀري آيل آهي جيڪو سپريم ليڊر علي خامنائي جو به پسنديده آهي ته موجوده حڪومت جي پراڻ پسند مرڪز سان به سلهاڙيل ۽ اتحادي آهي. ملڪ جي عدليا جو سربراهه ٿيڻ کانپوءِ رئيسي انقلاب جي محافظن سان گڏجي بدعنواني خلاف ڀرپور مهم هلائي پنهنجو عوامي خاڪو به بهتر بڻايو. گارڊين ڪائونسل رئيسي جي ماتحت نمائندن محسن رضائي،آءِ آر جي سي جي اڳوڻي ڪمانڊر انچيف ۽ ايٽمي معاهدي جي سختي سان مخالفت ڪندڙ سخت گير سعيد جليلي جي نامزدگين جي به منظور ڏني. سمجهيو پيو وڃي ته ٻئي ڄڻا هارائي ويندا. محسن چوٿون ڀيرو چونڊ وڙهي رهيو آهي. کيس مقامي طور چونڊ وڙهڻ جو عادي سمجيهو وڃي ٿو. آن لائين لطيفا ڦهلائيندو آهي محسن رضا کانسواءِ چونڊون ايئن آهن جيئن بصرن کانسواءِ ڪباب . اهو به آسرو نه پيو ڪيو پيو وڃي ته ٻين ٻن آزاد اميدوارن مان به ڪو رئيسي کي خطرو ٿي سگهي ٿو.
عبدالناصر هيممتي جيڪو ملڪ جي مرڪزي بينڪ جو سربراهه رهيو آهي ۽ هڪ ٻئي عوامي شخصيت محسن مهر عليزاده ٿي سگهي ٿو ته رئيسي مخالف ڪئمپ مان ٿوري گهڻي حمايت حاصل ڪري وٺي. گارڊين ڪائونسل طرفان انڌانڌ نااهلين ۽ سڌي سنئين حمايت ذريعي ٿيندڙ سازشون ايران جي سياسي حلقن ۽ سوشل ميڊيا تي موجود مضمونن ۾ ڀوڳ بڻجي رهيون آهن . هڪ اهڙي ئي تصوير ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته رئيسي ڊوڙ ۾ حصو وٺي رهيو آهي ۽ ڪجهه مذهبي پيشرو اڌ رستي تي ئي رسي جهلي بيٺا آهن، جتي ڊوڙ ختم ٿيڻ جوليڪو نڪتل آهي. هڪ ٻئي مشهور لطيفي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته رئيسي ٻين پنهنجي نالي وارن ڇهن ڄڻن خلاف مقابلو ڪري رهيو آهي. ماهرين جو چوڻ آهي ته رئيسي جي چونڊا انتهائي اهم آهي ڇاڪاڻ ته صدارت کان وڌيڪ کيس ايندڙ روحاني اڳواڻ طور تيار ڪيو پيو وڃي. في الحال اهو عهدو علي خامنائي وٽ آهي جنهن جي صحت بابت مختلف ڳالهيون هلندڙ آهن. مذهبي پيشرو جي جانشين جي صحيح چونڊ انقلاب جي روح کي زنده رکڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. مشهور عالم ۽ ماهر صنم وڪيل جو چوڻ آهي ته هي چونڊون سپريم ليڊر لاءِ اهم آهن، ڇاڪاڻ ته چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل ادارن تي پراڻ پسندن جي هڪ هٽي سان ئي نظام جانشيني جي معاملي تي ڌيان ڏئي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ايران جي سياسي منتقلي لاءِ اهو اهم آهي، هو چئي ٿي ته رئيسي کي اعليٰ قيادت سان وفاداري، ويجهڙائپ سبب جانشين لاءِ شارٽ لسٽ ٿيڻ ۾ ڪاميابي ٿي آهي.
رئيسي قم ۽ خراج جي مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي. هن هڪ با اثر خاندان ۾ شادي ڪئي جنهن جو مذهبي پيشروئن ۾ وڏو اثر آهي. هو خواهشون رکندڙ اهڙي شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو جنهن تي عدليا، انٽيليجنس برادري، انقلاب جي محافظن سان لاڳاپيل اتحادين جو ڀروسو آهي ۽ سپريم ليڊر جون سياسي برڪتون حاصل آهن رئيسي لاءِ هي چونڊ کٽڻ سپريم ليڊر جي منصب ڏانهن هڪ وڏو قدم هوندو. ٻئي طرف اٽلانٽڪ ڪونسل ۾ فيوچر آف ايران انيشيٽو جي ڊائريڪٽر باربرا سلاوين جو چوڻ آهي ته هن جي سڀني عملي طور مخالفن کي نا اهل قرار ڏئي هن جي سوڀ جي امڪان کي گهٽ ڪيو ويو آهي ۽ ستم ظريفي اها آهي ته خامنائي کانپوءِ هن لاءِ اعليٰ اڳواڻ ٿيڻ مشڪل ٿي سگهي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته رئيسي جي صدارتي چونڊ جي ڪاميابي ۾ رڪاوٽ سندس مخالف نه پر پنهنجو ماضي بڻجي. سندس ماضي 1988ع ۾ هزارين سياسي قيدي کي ڦاسي ڏيڻ ۽ گمشدگي ۾ مبينا طور ملوث هجڻ سبب داغدار آهي انهن ۾ گهڻن جو تعلق پيپلز پارٽي جي مجاهدين ،کاٻي ڌر جي ڌڙن فدائين۽ ايران جي ڪميونسٽ تو دا پارٽي سان هو. ايران جون سياسي مخالف پارٽيون رئيسي کي “ڦاسي” جي نالي سان سڏينديون آهن ۽ سمجهن ٿيون ته سندس ماضي آمريڪا سميت اولهه سان مستقبل جي امڪاني لاڳاپن ۾ رڪاوٽ ٿي سگهي ٿو.
صدارتي ڊوڙ هن جي عوامي مڃتا ۾ شايد ئي ٿوري مددگار ٿي سگهي، هن جي ڪاميابي ايران جي تاريخ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ووٽ پوڻ سان ممڪن ٿي سگهندي جيڪا گارڊين ڪائونسل جي ٿيل انجنيئرنگ جي نظر سان ڏٺي ويندي. علي رضا اشتاغي پرڏيهي معاملن بابت يورپين ڪائونسل ۾ ڇپيل پنهنجي مقالي ۾ لکيو ته “تنهن هوندي به مغربي طاقتون عملي طور ۽ چونڊن بابت صرف انهي صورت ۾ جمهوريت جا معاملا اٿارينديون آهن جڏهن ايئن ڪرڻ ۾ سولائي هجي.”ايران ۾ سفير جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ هڪ اڳوڻي پاڪستاني سفارتڪار رفعد مسعود جو چوڻ هو ته “ايران ۾ پراڻ پسندن جي حڪومت مغرب کي انهي ڪري وارو کائيندي آهي جو سڀ سمجهن ٿا ته هونئن به اصل طاقت انهن وٽ ئي آهي. تنهن ڪري بهتر آهي ته ايٽمي معاهدي کانپوءِ افغانستان يا خطي ۾ امن سلامتي جي باري ۾ڪنهن به اڳڀرائي لاءِ انهن سان ڳالهايو وڃي.” ڊاڪٽر صنم وڪيل جو به چوڻ آهي ته پراڻ پسندن جي سوڀ سان ايران جي علائقائي پاليسي ۾ ڪابه تبديلي نظر نه ايندي ۽ ايٽمي معاهدي تي ويانا جي سي پي او اي تي ڳالهه ٻوله جاري رهڻ جو امڪان آهي. چونڊ نتيجن کي پاسي تي رکي ڏسجي ته ايراني معيشت ڏکيائين ۽ مشڪلاتن جي گهيري ۾رهندي، جڏهن ته ايراني عوام شدت سان هڪ بهتر معيشت ۽ استحڪام جي ڳولا ۾ آهن. سخت پابندين تحت ايران جي ڪووڊ زده معيشت تباهه آهي، ناڻي واڌ جي شرح 40 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ۽ بيروزگاري ٻن انگن ۾ آهي. اڌ کان وڌيڪ ايراني آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر واري آهي، جنهن لاءِ هر سان 10 لک نوڪريون جي ضرورت هوندي آهي. حڪمران انهي چئلينج کي سمجهن ٿا ڀلي کڻي هو انهي کي قابو ڪري سگهن يا نه، رفعت مسعود جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هو وڌ کان وڌ اعتدال پسندن کي روڪڻ چاهي ٿي ته وڌيڪ دٻاءُ کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت پنهنجي ايندڙ پاليسين ۾ لچڪ ظاهر ڪرڻ تي راضي ٿي سگهي ٿي. نظام جو تحفظ آخري مقصد آهي انهي لاءِ پرڏيهي پاليسي ۾ نرمي قابل قبول آهي. ايران جي علائقائي پاليسي شام ، يمن ۾ سعودي عرب ڏانهن پنهنجي جارحاڻي پاليسي جو چو طرف ڦري ٿي. جڏهن ته عالمي سطح تي آمريڪا سان تڪرار سان سندس پاليسين جون پاڙون ڳنڍيل آهن. ماهر باربرا سالوين جو چوڻ آهي ته ايران آمريڪا لاڳاپن جو سوال آيت الله خامنه اي جي حياتي تائين جاري رهندو.