گال(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊ آل رائونڊر اينجلو ميٿيوز بنگلاديش خلاف گال ۾ شيڊول ٽيسٽ ميچ کان پوءِ ڊگهي فارم ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو آهي. اينجلو ميٿيوز کي سريلنڪا جي تاريخ ۾ ٽئين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ رانديگر طور ياد رکيو ويندو. ميٿيوز جي مطابق، بين الاقوامي ڪرڪيٽ جو هي سفر آسان نه هو، ان ۾ ڪيترائي اُتار چڙهاؤ هئا، پر هر لمحو هڪ سکيا جو تجربو هو. هن چيو ته هاڻي وقت آهي ته نوجوان رانديگر سريلنڪن ڪرڪيٽ جي واڳ سنڀالين ۽ ان کي نئين بلندين تي وٺي وڃن.