سريلنڪا جھڙو انقلاب

0
86
سريلنڪا جھڙو انقلاب

وفاقي حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل 60 رپيا في لٽر مھانگو ڪري عوام کي مھانگائي جي گھاڻي ۾ پيڙھڻ جي پاليسي ناقابلِ منظور آهي، پيٽرول اگهن ۾ واڌ عوام کي مفت ۾ مارڻ جو ھڪ خوفناڪ منصوبو آھي ، عوام ويچاري جيڪا اڳ ۾ گُذريل حڪومت جي نااھلي سبب معاشي بدحالي جو شڪار آھي سو ان مظلوم عوام جي زخمن  مٿان وري ھي گڏيل حڪومت لوڻ ھاري زخمن کي ناسُور بڻائڻ جي ڪوشش پئي ڪري ، اها حقيقت آھي ته حڪمران طبقي ھميشه اٻوجھه عوام جو رتُ ولوڙيو آھي ۽ عوام جي پگھر جي ڪمائي مان پنھنجا پيٽ ڀريا آھن ۽ اُن جي بدلي ۾  صرف بک ۽ بدحالي کان سوا ڪجھه به نه ڏنو آھي، حڪمران لکين رپين جون پگهارون ۽ مراعتون به وٺن ٿا، اهي پيٽرول سوڌو ڪروڙين رپيا وٺندا آهن پر انھن کان ڪوئي پڇڻ وارو ناھي، اگر پاڪستان جي حڪمرانن جي اھا روش رھي ته سريلنڪا جھڙو انقلاب اچڻ ۾ دير نه لڳندي پوءِ حڪمرانن جو ڳلو ھوندو ۽ عوام جا ھٿ ھوندا . (فيس بوڪ وال تان ورتل)