ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) ٽرائي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ سريلنڪن وومين ٽيم ڀارت جي وومين ٽيم کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، خبر موجب ڀارت جي وومين ٽيم پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 275 رنسون اسڪور ڪيون، ريچا گوش 58،روڊريگوس 37،پراتيڪا 35 ۽ ڪپتان هرپريت 30 رنسون اسڪورڪيون، سريلنڪا طرفان سڳانديڪا ۽ چماري 3-3 وڪيٽون ورتيون، ڀارت طرفان مليل 276 رنسن جو ٽارگيٽ سريلنڪن ٽيم 7 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو،سلوا 56، هرشيتا 53،دلهاڙي 35۽ وشمي 33 رنسون اسڪور ڪيون، ڀارت طرفان سنيهه رانا 3، ريدي ۽ راول هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.