سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جون ڀرتيون نه ڪيون، سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مٿان ناراض، عدالت چيف سيڪريٽري، چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 9 مارچ تي طلب ڪري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ مسمات امينه ۽ ٻين طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اختيارين مٿان سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو، ان دوران جسٽس محمد سليم جيسر ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هڪ ڪامپيٽنٽ اداري طور متحرڪ آهي پر افسوس جو اوهان کي پيپر سيٽ ڪرڻ نه ٿو اچي، جنهن بعد عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 9 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي