ڪراچي: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ صحت ۽ مڪاني ادارن واري کاتن ۾ مختلف پوسٽن لاءِ اميدوارن کان مختلف امتحان وٺڻ جو عمل هلندڙ آهي. صحت کاتي جي ميڊِيڪل آفيسرن جي ڀرتين لاءِ اميدوارن جو لکت وارو امتحان ٿي ويو، اسٽاف نرسن جا امتحان هلندڙ آهن. جڏهن ته مڪاني ادارن واري کاتي ۾ ٽائون آفيسرن سميت ٻين خالي پيل پوسٽن تي پڻ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان تحت ڀرتين جي اميدوارن کان مختلف امتحان وٺڻ جو سلسلو هلندڙ آهي.