سرهاڙي (رپورٽ: عثمان ملاح) سرهاڙي لڳ ٽپالي روڊ تي اسدآباد اسٽاپ ويجهو سرهاڙي واسي نوجوان خانگي ليبارٽري مالڪ عبدالحفيظ بروهي کي نواب شاهه کان واپس سرهاڙي ايندي نامعلوم چئن هٿيار بند ڦورن پاران روڊ بلاڪ ڪري موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدار تيز ڌار اوزار سان نوجوان مٿان حملو ڪري سخت زخمي ڪرڻ بعد مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي کڏهر پوليس پهچي زخمي نوجوان کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، مارجي ويل نوجوان جي ڀاءُ ڊاڪٽر احسان پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، مقتول هر روز ليبارٽري تان مريضن جي بلڊ جا سيمپل وٺي ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ نوابشاهه کڻي ويندو هو، اڄ به هو ٽيسٽون کڻي واپس اچي رهيو هو ته ڦر جي ارادي سان بيٺل جوبدارن کيس قتل ڪيو آهي، ٻئي طرف واقعي جي اطلاع بعد بروهي برادري سميت شھرين واقعي واري هنڌ پهچي جوابدارن جا پيرا کنيا، جيڪي بخشو جمالي کان ٿيندي حسن جمالي چوري موري ڀرسان ڳوٺ ميوو جمالي وٽ گم ٿي ويا آهن، هوڏانهن ڊي ايس پي سڪرنڊ ۽ ايس ايچ او کڏهر وارثن کي يقين ڏياريو ته جوبدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.