سرهاڙي(ن پ ا) سرهاڙي ويجهو ڳوٺ غلام ڪيريو واسي پرائمري استاد اقبال ڪيريو وياجين کان تنگ اچي زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وارثن پاران کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چودڳي اسٽاپ جي خانگي اسپتال آندو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏئي سندس حياتي بچائي ورتي، ان موقعي تي متاثر استاد اقبال ڪيريو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه وقت اڳ مون مجبورين جي ڪري شير محمد زرداري، عيسىٰ خان پٺاڻ، امجد ڪيريو، آچر ڀيل ۽ انيل واڻيون کان مجموئي تور پندرنهن لک اڌار تي ورتا هئا جن مونکان ضمانت تور چيڪ ۽ اي ٽي ايم ڪارڊ ورتا هئا ڄاڻايل ماڻهن کي مون ماهوار پندرنهن لکن جاءِ تي ٻيڻ رقم لڳ ڀڳ ٽيهه لک روپيا ادا ڪيا آھن پر اڃان تائين انهن جو قرض نٿو لهي وياج خور مونکي ۽ منهنجي والد کي وڌيڪ رقم ادا ڪرڻ لاءِ مختلف نمونن سان حراسان ڪندا پيا اچن اڄ انهن وياج خورن کان تنگ اچي اهڙو قدم کنيو اٿم، اگر مونکي ۽ منهنجي گهر ڀاتين کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار ڄاڻايل ماڻهون هوندا ٻئي پاسي متاثر اقبال ڪيريو جي وارثن لطف ڪيريو محمد، عرفان ڪيريو ۽ عبدالقدير ڪيريو احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانهيو ته اسانجي سئوٽ کان ڄاڻايل وياج خور وياج واري رقم سميت سموري رقم وصول ڪري چڪا آھن وڌيڪ وياج ڏيئڻ لاءِ بار بار حراسان ڪري ڪري رهيا آھن، هنن ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل وياج خورن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انهن مان جان ڇڏائي وڃي متاثر جي وارثن پاران سرهاڙي ٿاڻي تي وياج خورن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي، متاثر کي وڌيڪ اعلاج لاءِ سمس اسپتال شهدادپور ريفر ڪيو ويو.