سرهاري(ن پ ا) سرهاري شهر ۾ هيلٿ ڪيئرڪميشن ڊپارٽمنٽ شهيدبينظيرآباد جي ميڊيڪل ايڪسپرٽ ڊاڪٽر مير محمد ڏاهري ۽ اسٽنٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رزاق شيخ جي اڳواڻي ۾ ڇاپو هڻي غيرقانوني طور تي هلندڙ اسلم مگسي، سڌير اوڏ، درياءَ خان بروهي، امير بخش بروهي، دامن زرداري، دانش زرداري، امين بروهي شاهنواز بروهي سميت يارهن ڪلينڪون سيل ڪيون ويون ۽ چئن ڪلينڪن کي نوٽيس ڏنو ويو، ڇاپا مار ٽيم جو ٻڌي شهر جي عطائي ڊاڪٽرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ڪيترائي ڊاڪٽر پنهجون ڪلينڪون ۽ اسٽور بند ڪري فرار ٿي ويا، ان موقعي تي ڊاڪٽر ميرمحمد ڏاهري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته غير قانوني طورتي ڪلينڪون کولي علاج ڪندڙ سيکڙات عطائي ڊاڪٽر خلاف سخت قدم کنيو پيو وڃي.