سرھاري(ن پ ا) سرھاري فيڊر جي بجلي بند ۽ شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ سخت سبب شهري پريشان ۾ مبتلا ٿي ويا، چودڳي شاھپورچاڪر روڊ تي سرن جي بٺن جي گرماش سبب تارون ڳري سڙي ڪمزور ٿي ڪري پيون آھن، جيڪو روز جو معمول آھي شاھپورچاڪر گرڊ اسٽيشن مان سرھاري فيڊر ڏانھن ايندڙ يارھن ھزار بجلي جون تارون سرن جي بٺن جي سخت گرماش ۽ زھريلي دونھي سبب سڙي ڳري رھيو آھن، ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ شھر توڙي آسپاس جي علائقن ۾ بجي معطل ٿيو وڃي، ان حوالي سان ايس ڊي او شاھپورچاڪر ۽ انچارج سرھاري فيڊر صاحب عمراڻي جو چوڻ آھي ته شاھپورچاڪر گرڊ مان نڪرندڙ تارون تمام پراڻيون ۽ ڪمزور آھن، جنھن ڪري ڏھه کان ٻارھن بجلي جا نوان ٿنڀا ۽ تارون لڳائي رھيا آھيون، تمام جلد سرھاري فيڊر جي بجلي بحال ڪئي ويندي.