سرهاري(ن پ ا) سرهاري شاخ جي سوين آبادگارن علي بحر واھ ٽگھاٽو لينسڊائون پل تي پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي امداد مگسي، حسين بخش مگسي، محمد سليم رند، منظور مگسي، خاوند بخش جمالي ۽ ٻين چيو ته سرهاري شاخ کي مھيني ۾ 3 ڏينھن ٿورڙو پاڻي ڏنو وڃي ٿو جيڪا سراسر ناانصافي آھي، هنن چيو ته ڪڻڪ جي سيزن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب فصل کي پورو پاڻي نه مليو، جنهن ڪري فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو، آبادگار واپارين جا لکين روپين جا قرضدار ٿي ويا آھن، هنن چيو ته هينئر ووئڻن جي پوکي جي مد کي 20 ڏينهن گذري ويا آھن پر پاڻي جي ڦڙي لاءِ پريشان آھيون، هنن الزام هڻندي چيو ته اڄاڻو شاخ ۽ لنڊو شاخ جي حڪومتي ڌر جي بااثر زميندارن کي سرهاري شاخ جي حصي جو پاڻي ڏنو پيو وڃي، جنهن سبب هزارين ايڪڙ زمين غير آباد ٿي وئي آھي، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي، بعد ۾ ايس ڊي او آبپاشي عباس عمراڻي ڳالهيون ڪرائي پاڻي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو، ايس ڊي او آبپاشي چيو ته روهڙي ڪئنال ۾ ئي پاڻي گهٽ آهي، شيڊول مطابق هر شاخ جو 15 ڏينهن پاڻي بند ڪري هڪ هفتو پاڻي کوليو ويندو آهي، باقي زور زبردستي نه هلندي، شيڊول کان بغير پاڻي کولڻ کان قاصر آهيون.