غزا (م ڊ) حماس غزا شهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ اسرائيلي زميني فوج کي گھيرڻ ۽ شڪست ڏيڻ جون مڪمل تياريون ڪري ورتيون. حماس جي اعليٰ قيادت جي ويجهن ذريعن پرڏيهي خابرو اداري کي ٻڌايو ته حماس غزا پٽي ۾ نتيجو ڏيندڙ جنگ لاءِ تياري ڪري ورتي آهي.حماس جو خيال آهي ته هو پنهنجي دشمن اسرائيل کي جنگبندي تي مجبور ڪرڻ لاءِ ان جي اڳڀرائي ڊگھي عرصي تائين روڪي سگھي ٿي. نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي حماس جي اعليٰ عهديدار ٻڌايو ته حماس هٿيارن، ميزائيلن، خوراڪ ۽ دوائن جو ذخيرو گڏ ڪري رکيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي ذريعن جو چوڻ هو ته حماس کي يقين آهي ته هزارين ويڙهاڪ فلسطيني علائقي جي هيٺان کوٽيل سرنگهن جي شهر ۾ مهينن تائين زندهه رهي سگھن ٿا ۽ شهري گوريلا سازشن سان اسرائيلي فورسز کي مايوس ڪري سگهن ٿا.حماس جو خيال آهي ته اسرائيل جو گھيرو ختم ڪرڻ لاءِ عالمي دٻاءُ وڌندو ڇو جو شهرين جي شهادتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ان لاءِ اسرائيل جنگبندي ۽ ڳالهين ذريعي سوديبازي ڪرڻ تي مجبور ٿي سگھي ٿو.