سرمايي جي قيد ۾ ڦاٿل عالم جو وجود

0
79

  عالمي موسمياتي ماهرن موجب پاڪستان اندر هاڻوڪي برسات ۽ ٻوڏ جي تباهه ڪارين ۾ انساني سرگرمين جي ڪردار کي رد نھ ٿو ڪري سگهجي، ورلڊويدرآٽريبيوشن گروپ ۾ موسمي ماهرن جو چوڻ آهي ته سرمائيداري ۽ صنعتي دور جي سرگرمين عالمي گرمي پد کي 1.2 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌائي ڇڏيو آهي، رپورٽ مطابق سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پنجن ڏينهن جي برسات ۾ مجموعي طور 50 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته برساتن پوڻ جو 1 سيڪڙو امڪان هو، جنهن جو خاص طور ڪارپوريٽ ڪلچر طرفان پيدا ڪيل گرين هائوس گيسز کانسواءِ اهڙن واقعن ٿيڻ جو امڪان گهٽ هو، موسمي ڄاڻن جو اهو به چوڻ هو ته سخت متاثر علائقن ۾ معمول کان 75سيڪڙو برساتون وڌيڪ پيون آهن ۽ موسم سان لاڳاپيل سانحن ۾ 60 سالن دوران پنجوڻ تي اضافو آيو آهي ۽ هرڏينهن ۾ 115 ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن، پاڻ ڏسندا سين ته پنهنجي ملڪ جا ٽي حصا سمنڊ جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن، ڌرتي جي گولي تي تاريخي تپش هئڻ ڪري، انساني زندگي جو گذارو  بي حد مشڪل بڻجي ويو آهي، پولر گليشئر، سائنس دانن جي اڳ ڪٿين کان به وڌيڪ تيزي سان پگهري رهيا آهن، دنيا ۾ سامونڊي طوفان، خشڪ سالي، ٻيلن ۾ باهھ لڳڻ، ٻوڏن ۽ سيلابن جي آفتن سڄي سياري کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي بيهاريو آهي، جنهن ڪري ڪروڙين انسان نقل مڪاني ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ اها فقط شروعات آهي،

پاڻ سرمائيداري جي ان وبائي دور ۾ داخل آهيون، جنهن کي هر روز واڌو سرمايو کپي، جيڪو ماحول جي تباهي سان مشروط آهي، پاڻ سرمائيداري جي عوام دشمن اُن نظام اندر جي رهيا آهيون، جنهن ۾ انساني زندگيءَ تي منافي کي وڌيڪ ترجيح حاصل آهي، سندن پاران ڪاربان جي اخراج واري بحران، هن وقت سڄي مانڊاڻ ۽ ايندڙ پيڙهين ۽ انساني تهذيب کي تباهي جي نزديڪ آڻي بيهاريو آهي، سائنسدانن پاران ڏهاڪن کان جاري ماحولياتي انديشن ۽ آگاهين باوجود دنيا ۾ سڀ کان پهريون اسين جو نعرو هڻندڙ حڪومتون، سڀ کان وڌيڪ ماحولياتي آلودگي ڦهلائڻ، عالمي جنگين ۾ پيش پيش رهي، لکين انسانن جي زندگين ۾ تباهي آڻيندي گلوبل وارمنگ جي وبا جي واڌويجهه ۾ سرخرو بڻيل آهن، سندن لاءِ سرمائيداري جي واڌويجهھ ۽ منافي جي ڊوڙ هڪ ٻئي کي ڳڙڪائڻ واري روش، سندس ئي نظام جي ناڪامي ۾ عيان نظر اچي ٿي، انهيءَ سميت غيرملڪي مداخلتون جنگين جي صورت ۾، پنهنجي منافعي ڪري، غربت جي نشونما، مزدورن کي غلام بڻائڻ، معاشرتي ۽ سياسي عدم مساوات جو ڦهلاءُ، عوامي دولت جي نجڪاري، پورهيت جي حقن ۽ ماحولياتي تحفظ جي قانون جي لتاڙ، مهانگائي وسيلي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙن لاءِ، وڌيڪ ڏکيائن جي بندوبست ڪرڻ دور حاضر جا ناڪاري اصول، سرمائيداري جي حقيقت ۾ سمايل آهن.

ڪيترن زمانن کان هڪ تمام ٿورائي تي مبني اقليت ڪروڙين انسانن کي غلام رکندي پئي اچي، جيڪا عوامي زندگي جي هزارين سالن جي گڏٿيل پورهيت جي اجرت تي ڌاڙا هڻي، غير فطري جاگيرداري ۽ سرمائداري جو وحشي نظام عوام مٿان مڙهيو آهي، ڪڏهن عالمي ٺيڪيداري جي روپ ۾، عالمي هٿيارن ٺاهڻ جي ڪمپنين جي روپ ۾، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي سي اي او جي روپ ۾، دنيا جي سڀ کان وڏي بنئڪن ۽ آئل ڪمپنين جي ايگزيڪٽوز جي روپ ۾ ۽ چند کرب پتي جن جو سرمايو انهن ئي ڪمزور ملڪن جون حڪومتون ٺاهڻ ۾ سيڙپ ٿيل آهي، جيڪي پنهنجي معيشت ۾ تيزي آڻڻ لاءِ مقامي آبادي تي نظر نه ايندڙ ناجائز ٽيڪس جو بار اڇلائين ٿيون، انهيءَ سميت جن ملڪن سرمائيدار شڪنجي کان آزاد نموني زندگي گذارڻ ۽ وڇايل ورلڊآرڊر مان ٻاهر پير پائڻ جي ڪوشش ڪئي ته عالمي سرمائيدار ڌر هڪ دم انهن ملڪن خلاف حرڪت ۾ ايندي، ۽ سي آءِ اي جي مدد وسيلي مقامي بغاوتن کي هٿي وٺرائڻ، فوجي ۽ سياسي مداخلت، معاشي ناڪابندي، انهن ملڪن جي رهنمائن جو ڳجهو قتل عام، سامراجي قوتن ۽ عالمي سرمائيداري جي گڏيل حڪمت عملي جوئي نتيجو آهي،

      جيڪڏهن پاڻ عدم مساوات جي ڳالھھ ڪريون ٿا ته، بقول آڪسفيم جي 1995ع کانپوءِ پوري دنيا ۾ مٿين 1 سيڪڙو آبادي جي دولت ۾ 300 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته هيٺين 50 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ 0 سيڪڙو اضافو آيو، جڏهن ته 2020ع ۽ 2021ع ۾  10 کرب پتي سرمائيدارن جي دولت ۾ ٻيڻ تي اضافو ٿيو، انهيءَ سميت فقط 20 کرب پتي سرمائيدار  ماحول ۾ ڪاربان جو اخراج 8000 ڀيرا وڌيڪ ڪن ٿا، دنيا جي ڪروڙين انسان جي ڀيٽ ۾، هن وقت به دنيا ۾ غربت جي وڌندڙ سمنڊ کي سرمائي جا کلاڙي ڪيش ڪرائڻ ۾ مصروف آهن، جن ۾ ختم نه ٿيندڙ جنگيون، سياسي اقتصادي جبر، انسانن جي رهڻ جي قابل هن رنگن سان رهاڻ رچائيندڙ ڌرتي کي، دولت جي پوڄارين، جيون جي چرخي ۾ بک، ڏڪار، بدحالي ۽ بيوسي جو بيانيو برپا ڪندي زميني مخلوق کي تباهي جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي، هڪ طرف  سرمائيدار لابي ڪارپوريٽ ميڊيا وسيلي ڪاربان جي وڌيڪ تباهه ڪاري جي سچائي تي پردو ڏياري، جڙتو راءِ عام جوڙڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي، ڇوته ماحول دشمن عالمي سرمائيدار ڌڙو موسمياتي تباهي عيوض پنهنجي صنعتي ڪاروبار مان فيضياب ٿيندو رهي ٿو ۽ انهيءَ جو سڌو سنئون منفي اثر عوامي زندگي جي هر پهلو تي پئجي رهيو آهي ۽ ٻئي طرف سرمائيدار دنيا، پنهنجي تاريخ جي ساري ناڪامي جو نزلو، عوامي فڪر جي سماج وادي نظريئي تي اڇلائي،  پاڻ کي پارسا بڻجڻ جي خودفريبي جو چوغو پهرائي ورتو آهي، پر سندن عوام ڏانهن منفي روش، جديد دور جي ترقي ڪري وائکي ٿي چڪي آهي،

 مقامي حڪومتن تي بالادستي، غريب خطن جي معدني وسيلن تي قبضاخوري، فرقيورانه سوچ ذريعي عوام جي وسيع اتحاد کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ، زنده جاويد قومن ۽ ثقافتن کي ملياميٽ ڪرڻ، زمين سان جڙيل موسمي ماحول کي داءُ تي لڳائڻ سرمائيداري جي معمولاتي ڪاررواين مان ڪجهه ڳڻائي سگهجن ٿا،
سرمائيداري نظام بنيادي طور منافعي تي ٻڌل آهي،

هن نظام جي ناڪامي جو انديشو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اڄ هن دنيا جي ساڍا ڇهه، ست ارب جي آبادي مان ساڍا چار ارب ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، دنيا جي 85 سيڪڙو معيشت فقط 193 ملٽي نيشنل ڪمپنين جي هٿن ۾ آهي، غربت سبب اڄ جو انسان پنهنجا ٻار کپائڻ لاءِ تيار آهي پنهنجون عزتون نيلام ڪرڻ تي مجبور آهي، مطلب ته هر شيءَ هن سرمائي جي منڊي ۾ ميسر آهي. سرمائيداري نظام انساني فطرت نه بلڪھ وحشياڻي فطرت جي عڪاسي ڪري ٿو،۽ سرمائيداري ساري انساني نسل لاءِ بدترين بک ۽ محرومين جي فطري جبلتن جي بگڙيل شڪل منجهان هڪ قسم آهي، جنهن ۾ غربت جي حق تلفي کي قانوني حيثيت حاصل آهي، جڏهن ته سماج مهذب پڻي جي جديد دور ۾ داخل هئڻ باوجود، غربت ۾ ڏينهن ڏينهن اضافي ۽ ڳڀي جي ڳولا ۾ عزتن جي نيلامي وارو سوال تاريخ، تمدن ۽ چنڊ تي پهتل دنيا اڳيان غلامي جي دور کان اڄ جي دور تائين پنهنجي جوهر ۾ برقرار آهي، ڀيانڪ سامراجي ۽ سرمائيداري جي وڇايل دهشتگري جي وارتا کي مٽائڻ لاءِ، ڪروڙين عوام جي وجود تي مڙهيل جنگ تي امن جي جهنڊي جهولائڻ جي ضرورت آهي، ڊگهي، ديرپا، سخت گير بين الاقوامي عوامي تحريڪن جي وسيع اتحاد جي ضرورت آهي، جيڪو صدين جي بدعنوان سرمائيداري جي ڪوٽ، ڪڙن ۽ ديوارن کي تاريخ ۾ دفن ڪرڻ لاءِ، انسان ذات جي گڏيل ڀلائي جو احترام، ايندڙ نسلن جي حفاظت جي خواهش، توازن ۽ استحڪام تي مبني بهادري، ايمانداري ۽ برابري جي گڏيل عالمي انسان دوست سياسي، معاشرتي ۽ معاشي واٽ جيڪا انسانيت کي مستقل بنيادن تي غلامي جي صليبن مان اجتماعي آزادي جي سرخ سويرن جي سج تائين رسائي ڏياري سگهي.

[email protected]