سرمائيداري نظام ۾ بچت جي شعور جو سراب

0
142
سرمائيداري نظام ۾ بچت جي شعور جو سراب

 سرمائيداري نظام بُنيادي طور تي منافعي خوريءَ جي داخلي جبلت تي مبني سياسي معاشي نظام آھي. ھن نظام جي اندر رھڻ جي ھڪ شرط بچت جي ذھن سازي به آھي، جنھن وسيلي انسان جو سُٺي ۽ ڀرپور زندگيءَ ڏانھن فطري حق جي لتاڙ جو سلسلو سرمائيداري نظام جي سموري تاريخ آھي. ان ڏس ۾ هن مضمون ۾ سرمائيداري نظام جي منافعي خور داخلي جبلت، ان جبلت جي قوت مان پيدا ٿيندڙ بچت جي شعور ۽ ڀرپور زندگي ڏانھن انسان جي فطري حق جي بي رحماڻي روڪ کي بچت نه ڪرڻ جي جواز تحت صحيح ثابت ڪرڻ جي بيرحم ريت ۽ عام سطح تي ان جي قبوليت جي پھلوئن تي بحث ڪيو ويندو.

                 اھو ھڪ عالمگير سچ آھي ته، سرمائيداري نظام منافعي جي داخلي جبلت کان سواءِ ھلڻ کان قاصر آھي. وقت جي وڌندڙ وکن سان جيئن جيئن سرمائيداري نظام پنھنجي شڪل ۾ وڌيڪ پيچيدہ ٿي پيش آيو آھي، تيئن تيئن منافعي خوريءَ جي شڪل وڌيڪ پيچيدہ ٿيندي آئي آھي. واھپي جي شين ۾ معشيت جي ڦِيٿي کي بُنيادي سطح تي ھلائڻ جي منافعي کان وٺي سٽيبازيءَ جي اجگر منافعي خوري تائين سرمائيداري نظام نه فقط انسان کي پنھنجي انڌي منافعي پسند منطق تحت پيڙھيو ۽ حيوان ڪيو آھي پر ان سان گڏوگڏ فطرت جي وشال ۽ سائي ڪک کي بنجر ڪري تِين وال ڪرڻ ۾ به پنھنجو ڪليدي رھزن ڪردار ادا ڪيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو اڄ جو انسان فطرت جي سنگين تباھيءَ جي ڪارڻ ٻوڏن، گرمي پد جي ڀيانڪ چاڙھن، سوڪھڙن، زراعت جي تباھين، فطري عدم توازن جھڙن موتمار مسئلن کي مُنھن ڏئي رھيو آھي. زندگي جھڙي لقاءُ جي اھڙي سنگين تباھيءَ جي اندر سرمائيداري نظام جي رکوالن اول ڏينھن کان وٺي ڀرپور زندگي گذارڻ لاءِ انسان کي بچتي جانور ٺاھڻ ھلڻ جو ساٽ سٽيو آھي ۽ انسان کي ڀرپور زندگي گذارڻ جي فطري حق کان جڳن کان محروم پئي رکيو آھي.

انساني تاريخ جي سڄي وھڪري ۾ ھر نظام پنھنجي پنھنجي سياسي ۽ معاشي جبلت تحت انسان جي ذھن سازي پئي ڪئي آھي. ذھن سازي جو اھڙو ديرپا عمل تمام گھڻو پيچيدہ معاملو آھي، جنھن کي اڪيچار تھن ۾ ئي ڏسي ۽ سمجھي سگھجي ٿو. ايئن به ناھي ته ھر نئون نظام اچڻ شرط انسان جي سڄي ذھن کي مٽائي ھڪ نئون انسان تخليق ڪري ٿو پر ذھن سازي ۽ انسان جي سمجھ ۽ ادراڪ جي نئين ڏاڪي جو واسطو سدائين پنھنجي پوئين سياسي ۽ معاشي نظام سان رھندو آيو آھي. تنھن ڪري سرمائيداري نظام پنھنجي پوئين نظامن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اوسر ڪري ايندڙ ۽ وڌيڪ پيچيدہ سياسي معشيت جي تاريخي ڇال آھي، جنھن ۾ انساني ذھن سازي جي اڪيچار پھلوئن مان ھڪ پھلو بچت ڪرڻ، بچت ڪري ڀرپور زندگي گذارڻ يا بچت جي آڌار تي ڪاميابي ۽ ڪامراني جي سرمائيداراڻا وصف تي پورو لھڻ جي سماجي شعور جي تشڪيل به آھي. جتي جتي سرمائيداري نظام جنھن جنھن شڪل ۾ موجود آھي، اتي اھڙو ڪو به بني بشر ورلي ڪو لڀندو، جنھن وٽ زندگي گذارڻ لاءِ بچت جي شرط جو شعور نه ھجي يا جتي جتي سرمائيداري نظام، جنھن جنھن شڪل ۾ وجود رکي ٿو، اُتي سرمائيداري نظام جي رکوالن پنھنجي مخصوص حالت ۾ بچت ڪرڻ جي ريت کي نه فقط ڪامياب ۽ ڀرپور زندگي گذارڻ جي ضمانت طور پيش ڪيو آھي پر ان سان گڏوگڏ فطري وسيلن جي بچاءُ جي تعلق ۾ بچت کي اجتماعي اعليٰ قدر ڪري پيش پئي ڪيو آھي. پر ڇا بچت جي لقاءُ جي ترويج اخلاقي لحاظ کان طبقاتي آھي يا غير طبقاتي؟ ڇا بچت جي بي چيني ۽ آند ماند زندگي گذارڻ جي بنھ بنيادي سطح تي عمومي آھي يا غير عمومي؟

استحصالي اعتبار کان جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته، سرمائيداري نظام جو وڏو ۾ وڏو اخلاق فقط منافعو ۽ ھر سطح تي ڦرلٽ جي بازار قائم ڪرڻ آھي. طبقاتي سرشتي جي ھن اسريل نظام وٽ اعليٰ اخلاقي قدرن جي تقاضا محض طبقاتي ھجي ٿي، جنھن ۾ مٿانھين طبقا اخلاق جي ھر گھڙيل معيار کان مٿانھان ھوندا آھن. اخلاقي تقاضائن جو سراسري بوجھ وچين ۽ ھيٺئين طبقي جي ماڻھن تي وڃي پوي ٿو. ان ئي ڏس ۾ بچت جي معاملي کي جيڪڏھن فطرت جي بچاءُ جي تدبير جي پس و پيس اجتماعي اخلاقي ڪينواس تي ڏسبو ته خبر پوندي ته فطرت جي بچاءُ لاءِ گھڙيل اھو اعليٰ اخلاقي معيار  ڀيانڪ سطح تي طبقاتي آھي، نه ڪي عمومي. اھو مٿانھون سرمائيدار طبقو ئي آھي، جيڪو فطرت جي سائي ڪُک کي زرد ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان آھي ۽ شديد فطري تباھين جو ذميوار به. انھن شديد فطري تباھين جو اظھار اسان جھڙي بيٺڪي خطن ۾ وڌيڪ ڀيانڪ آھي. سنڌ جي زرعي زمينن مٿان سمنڊ جي والار ھجي يا سنڌو درياهه جي فطري وھڪري کي ٻنجي، کيرٿر پارڪ جي فطري حيثيت جي پامالي ھجي يا ڪارونجھر جھڙي حسناڪ جبل جي ڪٽائي، بي لغام سامراجي شھرڪاري جو بکيو بگھڙ ھجي يا سنڌ جي زرعي زمينن جي بربادي، جابلو علائقي ۾ ٿيندڙ جبلن جي ڪٽائي ھجي يا ڪيٽي بندر لاءِ رٿيل ذوالفقار آباد جھڙو فطرت دشمن سنڌ دشمن منصوبو انھن سڀني پٺيان رھزني جو مک ڪارڻ مقامي دلال وڏيرو/سرمائيدار  ۽ ملڪي غير غير ملڪي مٿانھون سامراج طبقو آھي، جيڪي نه صرف فطرت جي بچاءُ جي اجتماعي اعليٰ اخلاقي قدر جا بدترين منحرف رھندا آيا آھن پر ان سان گڏوگڏ سنڌ جي وسيلن کي مال غنيمت سمجھي، سنڌ جي مالا مال فطري وسيلن کي تين وال ڪندڙ سفاڪ ٽولو آھن، جن وٽ اخلاقي معيارن جي تقاضا اھا ئي رھي آھي ته فطرت جي ڪک کي بنجر ڪري صرف ۽ صرف منافعو ئي ڪمائجي. لھٰذہ بچت جي لقاءُ جو اخلاقي معيار به ڇسو، جڙتو ۽ ٺڳ تي مبني راڳ آھي، جنھن جو بوجھ وچين ۽ ھيٺين طبقي جي ڪلھن تي وڏي چالاڪيءَ سان سٿي مٿان کان ڦرلٽ جي بازار کي جيئن جو تيئن جاري رکيو پئي ويو آھي. اھو جڙتو راڳ اسان کي سماج جي ھيٺين سطح تي اين جي اوز جي جڙتو فطرت پسند سيمينارن، وڻ پوکڻ، سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ مٿان تمر جا ٻيلا پوکڻ، فطرت پسندي جي جڙتو جاڳرتا پيدا ڪرڻ جھڙن لقائن ۾ نظر ايندو، جنھن جو ھيستائين ڪو به حاصل ناھي رھيو.

ازانسواءِ بچت ڪري ڀرپور زندگيءَ جا خواب لھڻ ۽ تن خوابن جي ساڀيان جي بي چيني ۽ آنڌ مانڌ پڻ طبقاتي آھي. سرمائيداري نظام ۾ ھر طبقي لاءِ سُٺي زندگيءَ جو ھر وقت موجود رھڻ ممڪن ناھي. ڀرپور زندگيءَ جا موقعا به مٿانھين طبقي کي ميسر ھوندا آھن. وچين ۽ ھيٺين طبقي لاءِ سٺي ۽ ڀرپور زندگي جي خوابن جي دنيا کانسواءِ ٻيو ڪجھ ناھي ھوندو. جنھن جي ساڀيان لاءِ ھي طبقا پل پل جيئندا ۽ مرندا آھن ۽ زندگيءَ جو وڏو حصو ان خواب جي ساڀيان جي خواھش ۾ صرف ٿي ويندو اٿن. پر ڇاڪاڻ ته  انھن خوابن جي تعمير جي ھڪ ڊگھي تاريخ ھجي ٿي، جيڪا ماڻھن جي ذھن سازي ڪري ٿي ۽ ماڻھو ان سراب کي سچ سمجھي ان جي پٺيان سڄي عمر لٽائي ڇڏيندو آھي ۽ جڏھن کيس جيئڻ لاءِ ڪجھ ملڻ به لڳندو اٿس تيسين تمام گھڻو وقت واري نڪري چڪو ھوندو آھي. ھڪڙي پاسي اھي ماڻھو آھن جيڪي “آڻين ۽ چاڙھين” واري معيار جي زندگي گذارڻ تي مجبور ھوندا آھي ۽ ٻئي پاسي ماڻھن جو اھو طبقو آھي، جيڪو زندگي جي سڄي ڪشمش بچت جي سراب ۾ بئنڪن جا اڪائونٽ چيڪ ڪندي، انشورنس پاليسين جي بيلنس ۽ منافعي جي شرح کي جانچيندي گذري ويندي اٿس. جيڪا پوک پوکيندو آھي سا خود لڻي ناھي سگھندو ۽ ايئن نار جي اٺ وانگر بچت جي سراب پٺيان وار چاندي ۽ چيلھ چٻي ٿي ويندي اٿس. ايئن بچت جو شعور ۽ ان شعور ۾ پيوست سرمائيداراڻا نظام جي وضع ڪيل وصف جي گھاڻي ۾ پاڻ پيڙھيندي پيڙھيندي پل پل ۾ سمايل زندگي ۽ فطري ڀرپورتا کان سدائين محروم رکيو ويندو آھي. اھو سڄو ناٽڪ سرمائيداري نظام جي ٿيئٽر جو اٽوٽ حصو ھجي ٿو، جنھن کي عام شعور نه سمجھي سگھي ٿو نه ئي کيس اھو ادراڪ ھجي ٿو ته کيس ھن نظام يوناني ڏند ڪٿائي ڪردار “سسيفس” بڻائي سندس پٺن تي سزا طور جبل تي چڙھڻ لاءِ ھڪ ڇپ رکي ويئي آھي ۽ جڏھن ھو جبل تي عقوبت سھندي سھندي چوٽيءَ تي پھچي ٿو ته ڇپ سندس پٺن تان وري ڪيرائي وري رکي وڃي ٿي.

عام ماڻھوءَ بچت جي ان ڇپ کي نه فقط پنھنجي ڪلھن تي سٿي زندگي جي جبل تي عقوبتون سھندي چڙھي ٿو پر ان سان گڏو گڏ ان ادراڪ کان به وانجھيل ھجي ٿو تہ کيس ڪھڙي جرم جي سزا ڏني وڃيس پئي. ماڻھو لاءِ اھا سزا رضامندي جي شڪل اختيار ڪري وڃي ٿي جنھن رضامنديءَ تحت ھو زندگي جي گاڏي کي ڌڪي ٿو. پنھنجي خواھشن کي دٻائي سوڙھي زندگي گذارڻ تي مجبور ھجي ٿو. ڪٿي ڪٿي سوڙھي زندگي گذارڻ ۾ فخر به محسوس ڪري ٿو ۽ بچت جي سراب کي سچ سمجھي ڪامياب زندگي جا سپنا ساڀيان ڪرڻ ۾ اندر ئي اندر فتح جو جذبو به پالي ٿو پر کيس اھا خبر ناھي ھوندي ته بچت جي سراب ۾ جيئندي جيئندي سندس زندگي سرمائيداري نظام جي وضع ڪيل ھڪ ئي دائري ۾ پوري ٿي وڃي ٿي ۽ زندگيءَ جون اڪيچار رنگينيون، ڀرپور زندگيءَ جون حاصلاتون وڏي بي رحميءَ سان وٽانس کسيون وڃن ٿيون. عام واھپي جي شين کان وٺي جيئڻ جي ٻين سڀني روشن خوابن جي تعبير ۾ سندس حياتي کي ھڪ انتھائي سوڙھي دائري ۾ قيد ڪيو وڃيس ٿو، جتي گھٽ ۽ ٻوسٽ جي زندگيءَ کي پنھنجو نصيب سمجھي پل پل چڳھندي، سڪندي ۽ اندر ئي اندر تڳندي جھير پيل زندگي کي جيئندو رھي ٿو.

اھڙي ريت اسان جيڪڏھن عام شعور کان ٿورو مٿڀرو ٿي سوچينداسين ته پتو پوندو ته سرمائيداري نظام جي طبقاتي فرقن ۽ منافعي خوري تي مبني اندروني جبلت انسان کي زندگيءَ جي ڀرپور مزي وٺڻ جي عالمي انساني حق کان جھلي ٿي ۽ ماڻھوءَ کان نه فقط ماڻھپو کسي ٿي پر ان ان سان گڏوگڏ برابريءَ جي بنيادن تي ڀرپور زندگيءَ جي فطري حق کي مجروح ٿي ڪري. ٻئي پاسي پنھنجي سرشتي جي وضع ڪيل ڪاميابي ۽ ڪامراني جي وصفن جي ترويج ڪندي ڀرپور زندگيءَ جي تصور کي بچت جي جڙتو تصور سان جوڙي ھڪ اھڙو ڪاڪ محل اڏي ٿي جنھن ڏانھن ماڻھو ڇڪجي اچي ٿو ۽ بچت جي سراب کي حقيقت سمجھي سڄي زندگي ھڪ ئي دائري ۾ گذاريندي زندگيءَ جي گونا گونيت کان نا آشنا رھي ٿو. سرمائيداري نظام جي جوڙيل ھر شعور کي مطلق سچ، مطلق علم سمجھي ٿو ۽ تنھن ۾ جيئي ٿو. کيس عام شعور جي قوت ٻيو ڪو گس نٿي ڏسيس، جنھن سبب نار جو اٺ رھجي ٿو وڃي ۽ حيوانن کان به بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور رھي ٿو. تنھنڪري ڀرپور زندگيءَ جو اجتماعي ۽ گڏيل تصور سرمائيداري نظام ۾ لڳ ڀڳ ناممڪن آھي، جنھن کي بچت جي ڇسي ۽ جڙتو شعور جي بنياد تي صحيح ثابت ڪندي ماڻھوءَ جي اعليٰ ۽ عظيم منصب کي مقابلي ۽ چيٽا ڀيٽي جي غليظ دلدل ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ٿو ۽ ماڻھوءَ کان ڀرپور زندگيءَ گذارڻ جو فطري حق بچت جي سراب سان گھيري کسيو ٿو وڃي.