سرمائيداري نظام کي دنيا جي سڀ کان ترقي يافته، جديد ۽ انسان دوست نظام طور پيش ڪيو وڃي ٿو پر جيڪڏهن ان جي تاريخ نتيجن ۽ لڪل حقيقتن جو تنقيدي جائزو ورتو وڃي ته اهو واضح ٿئي ٿو ته هي نظام اصل ۾ انسانيت لاءِ هڪ مسلسل تباهيءَ جو ڪارڻ رهيو آهي. آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جي سياسي پاليسين، جنگين، ميڊيا پروپيگنڊا ۽ مالياتي اجارداريءَ جي پويان اڪثر “مارڪيٽ آزادي” جو نعرو هوندو آهي پر حقيقت ۾ ان جو مقصد صرف وسيلن تي قبضو، عوام جو استحصال ۽ عالمي اڻ برابري کي برقرار رکڻ هوندو آهي.
تاريخي پسمنظر:
آمريڪي سامراج ۽ قتل عام:
1993 کان 2016 تائين آمريڪا جي ٽن صدرن بل ڪلنٽن، جارج بش ۽ براڪ اوباما جي 23 سالن جي دور ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادي ملڪ عراق، افغانستان، يوگوسلاويا، صوماليا، ليبيا، شام، پاڪستان، يمن ۽ فلسطين تي سڌن يا اڻ سڌن حملن ذريعي لکين انسان ماريا ويا. ان دور ۾ اندازن مطابق 70 لکن کان وٺي 1 ڪروڙ 20 لک ماڻهن تائين بيگناهه ماڻهو مارجي ويا. جنگ جو جواز دهشتگردي خلاف جدوجهد هو پر حقيقت ۾ اهي جنگيون تيل، وسيلن تي قبضو ۽ سامراجي اثر رسوخ لاءِ هيون. اهي انگ اکر رڳو هڪ دور جا ناهن. جيڪڏهن Robert Kurz جي ڪتاب “Black Book of Capitalism” ۾ بيان ڪيل تاريخي ۽ فڪري حوالا ڏٺا وڃن ته سڄي جديد سرمائيداري نظام جي ڪري 1 ارب 32 ڪروڙ کان وڌيڪ انسان غربت، بک، جنگ، بيمارين يا استحصال سبب مارجي چڪا آهن.
سرمائيداري جي جنگي پاليسين جا مثال:
- ويٽنام جنگ (1955- 1975)
آمريڪا جي قيادت هيٺ ويٽنام جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪندي 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا. جنگ جي نتيجي ۾ ايجنٽ اورينج جهڙين ڪيميائي هٿيارن جو استعمال ٿيو جيڪي نسلن تائين مظلوم انسانن جي بيمارين جو سبب بڻيا.
- چلي، 1973:
چليءَ جي چونڊيل سوشلسٽ صدر سالوادور آليندي جي حڪومت کي آمريڪا جي CIA مدد سان ختم ڪري فوجي ڊڪٽيٽر پنوشيٽ کي اقتدار ڏنو ويو، جنهن جي دور ۾ 30,000 ماڻهو قتل ٿيا.
- افغانستان ۽ عراق:
نائين اليون کان پوءِ آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو، جتي 20 سالن تائين لڳاتار جنگ هلندي رهي. عراق تي 2003 ۾ بنا ڪنهن ڪيميائي هٿيارن هجڻ جي ثابتي جي حملو ڪيو ويو ۽ نتيجي ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا ۽ ملڪ تباهه ٿي ويا.
آفريڪا: سرمائيداري جو جديد شڪار:
رابرٽ ڪرز Robert kurz جي ڪتاب ۾ بيان ڪيل عالمي سرمائيداري جو هڪ واضح مثال آفريڪا آهي جتي وسيلن جي دولت هجڻ باوجود غربت ۽ بدحالي ڇانيل آهي. يورپي ۽ آمريڪي ڪمپنيون اتي جي معدني دولت، تيل، گئس، ۽ زرعي وسيلن جو استحصال ڪري رهيون آهن. ڪانگو ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ وٽ دنيا جي 70٪ سيڪڙو کان وڌيڪ ڪولٽان جا ذخيرا آهن پر اتان جي ماڻهن جي سراسري آمدني فقط $1.50 يعني 400 روپيا روزانو کان به گهٽ آهي. نائجيريا جي تيل جي دولت باوجود، 60٪سيڪڙو آبادي غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري ٿي. تيل جي برآمد مان حاصل ٿيندڙ نفعو مقامي عوام بدران مغربي ڪمپنين جي خزاني ۾ وڃي ٿو. برونڊي، سينٽرل آفريڪن ريپبلڪ ۽ ملاوي سرڪاري طور دنيا جا سڀ کان غريب ملڪ آهن جتي تعليم، صحت ۽ خوراڪ جي شديد اڻاٺ آهي جڏهن ته انهن ملڪن جا قدرتي وسيلا يورپي ڪمپنين جي ڪنٽرول هيٺ آهن.
“Black Book of Capitalism”
رابرٽ ڪرز Robert Kurz جو ڪتاب سرمائيداري نظام جي خلاف هڪ باقاعده فرد جرم آهي. هي ڪتاب، “Black Book of Communism” جو تنقيدي جواب آهي، جنهن ۾ سرمائيداري نظام جي خونخوار تاريخ کي وائکو ڪيو ويو آهي. هن جا بنيادي دليل هن ريت آهن:
* مارڪيٽ آزادي جي نالي ۾ عالمي غلامي:
عالمي بينڪ، آء ايم ايف جا واپاري معاهدا غريب ملڪ جي خودمختياري ختم ڪري انهن جي اقتصاديات تي قبضي جو ذريعو بڻجن ٿا.
* جنگي اقتصاديات (War Economy):
جنگيون ڪمپنين لاءِ واپاري موقعا بڻجن ٿيون. دفاعي صنعتون، تعميراتي ادارا ۽ تيل جا ڪاروباري انهن مان منافعو ڪمائن ٿا ۽ انسانيت جي تباهيءَ کي پنهنجي معاشي واڌاري ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿا
* انسانيت جي قيمت:
سرمائيدار پيسي جا پوڄاري آهن هو انساني جان، عزت ۽ انهن جي ضرورتن کي نظرانداز ڪري صرف نفعي وڌائڻ کي اوليت ڏين ٿا
* مقابلي بازي جو مرض:
هي نظام سماجي ڀائيچاري جي جاءِ تي مقابلو، نفرت، ۽ طبقاتي ورهاست کي هٿي ڏئي ٿو ۽ سڄي سماج کي بيمار بڻائي ٿو.
پروپيگنڊا ۽ سرمائيداري جو ميڊيا ڪنٽرول:
مغربي ميڊيا جو بنيادي ڪم پنهنجن سامراجي قدمن کي جائز ثابت ڪرڻ ۽ دشمنن کي غير انساني ڏيکاري، جنگي جذبي کي برقرار رکڻ آهي. ميڊيا جي ذريعي ماڻهن جي راءِ تي قبضو ڪري ظلم کي “حفاظتي قدم” يا “جمهوريت جي واڌاري” طور پيش ڪيو وڃي ٿو جيئن ليبيا ۽ عراق ۾ ڪيو ويو.
اسٽالن ۽ مائوزي تنگ کي “ظالم ترين” چوندڙ ڌر جي منافقت:
جڏهن به ڪميونزم جي تاريخي ناڪامين ۽ ڏوهن جي ڳالهه نڪري ٿي ته فوري طور تي اسٽالن ۽ مائو جا نالا سامهون اچن ٿا. پر جڏهن آمريڪا، برطانيا، فرانس، يا ٻين مغربي سرمائيدار ملڪن جي ظلم جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ان کي “ضرورت”، “حفاظت” يا “انٽرنيشنل پاليسي” جو نالو ڏنو وڃي ٿو.
دنيا مغربي سامراجي اڳواڻن جي ڏوهن تي خاموشي رهي ٿي هيءَ خاموشي سرمائيداري پروپيگنڊا جي فتح آهي جتي سچ دفن ڪيو وڃي ٿو ۽ منافق معيار لاڳو ڪيا وڃن ٿا.
سچ کي سڃاڻڻ جي ضرورت:
رابرٽ ڪرز Robert Kurz جو ڪتاب هڪ هوشياري جو سڏ آهي، جيڪو اها حقيقت واضح ڪري ٿو ته سرمائيداري جي ترقيءَ جي پويان ظلم، استحصال ۽ بربريت لڪل آهي جيڪڏهن انسانيت کي بچائڻو آهي ته نه صرف سياسي پر فڪري طور به ان نظام جي مخالفت ڪرڻ ضروري آهي آخري ڳالھ نوجوانن کي هيٺين ليکڪن
Robert Kurz-Naomi Klein،-John Perkins، David Harvey، ۽Arundhati Roy
جي لکڻين جو مطالعو ڪري پاڻ ۾ بحث مباحثو ڪرڻ گهرجي ته جيئن سچائي کي پرکي سگهجي.