ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرفراز  ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي راند جي ميدان ۾ مداخلت ۽ اسٽي باوجود گاڏيون پارڪ ڪرڻ واري مامري تي سرفراز احمد پاران گرلز ڪاليج جي پرنسپال خلاف داخل توهين عدالت واري درخواست تي ڪاليج جي پرنسپال کي نوٽيس جاري ڪندي پهرين اپريل تائين جواب طلب ڪيو آهي، ڪالهه توهين عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران سرفراز احمد جي وڪيل چيو ته اسٽي باوجود گرائونڊ پارڪنگ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ٻارن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ نه پئي ڏني وڃي، ڪاليج انتظاميه پاران گرائونڊ اسٽاف کي به ڪم کان روڪيو پيو وڃي، درخواست گذار وڌيڪ چيو ته 2017ع ۾ ڪراچي جي ميئر ايس ٽي سيون تي سرفراز اڪيڊمي کي سرگرمين جي اجازت ڏني هئي، اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ٿيو هو.