ڪوئيٽا (م ڊ) وزيراعليٰ سرفراز جي ڪيريئر تي نظر وجھجي ته هو پوئتي پيل صوبو هجڻ سان گڏ دهشتگردي جو شڪار صوبي بلوچستان جو وڏو وزير ٿيو آهي، جنهن لاءِ کيس سخت چيلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. سرفراز بگٽي 1981ع ۾ قبائلي اڳواڻ غلام قادر مسوري بگٽي جي گھر ۾ جنم ورتو، سندس والد بدلجندڙ سياسي ماحول جو اندازو لڳائڻ جي صلاحيت رکندو هو، اهو ئي سبب آهي جو هو جنرل ضياءَ جي مجلس شوريٰ جو حصو رهڻ بعد پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويو. بعد ۾ غلام قادر مسوري بگٽي پنهنجي وفات تائين پيپلزپارٽي ۾ رهيو، ايستائين جو جنرل مشرف جي آمريت ۾ به هن پارٽيءَ جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ ان جي ڪري پرڏيهي دٻاءُ به برداشت ڪيو. سرفراز بگٽي لارنس ڪاليج مري ۾ تعليم مڪمل ڪئي، جنهن بعد 2013ع ۾ سياست جي ميدان ۾ آيو. 2013ع ۾ سرفراز بگٽي آزاد حيثيت ۾ ايم پي اي جي چونڊ وڙهي، بعد ۾ ن ليگ ۾ شموليت ڪئي، ڪجهه ئي مهينن بعد صوبي جو گھرو وزير بڻجي ويو. سرفرازبگٽي تي 17 حملا ٿيا، کيس دوستن ۽ مائٽن جي مارجڻ جا صدما به سهڻا پيا. 2018ع جي چونڊن ۾ هو ڪامياب نه ٿي سگهيو پر سينيٽ جي سيٽ حاصل ڪري پارليامينٽ ۾پنهنجو آواز بلند ڪيو ۽ 2021ع ۾ ٻيهر سينٽر چونڊجي ويو. 2023ع ۾ هو نگران وفاقي گھرو وزير ٿي ويو، 2024ع جي چونڊن جي تاريخ طئه ٿيڻ بعد هو نگران گھرو وزير جي عهدي تان استعيفا ڏئي پ پ ۾ شامل ٿي ويو ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ ايم پي اي چونڊجي ويو.