ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد انڪشاف ڪيو آهي ته سندس شادي جي تاريخ 3 ڀيرا تبديل ڪئي وئي. تازو ئي خانگي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران سرفراز احمد پنهنجي شادي سميت ٻين دلچسپ موضوعن تي ڳالهايو. ڳالهه ٻولهه دوران سرفراز احمد اعتراف ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي ۽ منهنجي شادي گڏ ٿي هئي، اهو 2015 جو وقت هو جڏهن زمبابوي ٽيم پاڪستان آئي هئي ۽ ان دوران منهنجي شادي ٿي هئي. سرفراز احمد چيو ته 2015 ۾ جڏهن زمبابوي جي ٽيم پاڪستان آئي ته حالتون اهڙيون هيون جو هڪ به ميچ ميسر نه ٿي سگهي، ان وقت منهنجي شادي ٿي رهي هئي پر مون فيصلو ڪيو هو ته شادي ڪندس ۽ ميچ کيڏندس، ان ڪري منهنجي شادي جون تاريخون 3 ڀيرا تبديل ڪيون ويون. پنهنجي زال بابت ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته بيگم منهنجي ڪيريئر جا سمورا اتارچڙ ڏٺا آهن، هوءَ 2019 جي ورلڊ ڪپ ۾ به مون سان گڏ هئي، ان کانپوءِ به هن هر موقعي تي منهنجو ساٿ ڏنو. سرفراز احمد جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان شادي کان اڳ پنهنجي زال کي سڃاڻندو هوس، منهنجي سسر کي به ڪرڪيٽ جو تمام گهڻو شوق هو، هو به تمام سٺو دوست آهي ۽ منهنجي ڪرڪيٽ کي به ساراهيو آهي. واضح رهي ته سرفراز احمد جي شادي 2015ع ۾ سيد خوشبخت سان ٿي هئي، کين هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي.