دادو ( رپورٽر ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءُ مختيار احمد چانڊيو سميت 3 گهر ڀاتين جي قتل جي ٻڌڻي ٿي ، ام رباب ، پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ، برهان خان ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران جوابدار ڄاڻايل ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو جي وڪيل پاران فريادي پرويز چانڊيو کان جرح ڪئي، ، ٻڌڻي دوران سڪندر چانڊيو ، علي گوهر چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن پاران زندگي کي خطرو هئڻ ڪري سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي، عدالت جوڊيشنل ڪامپليڪس جي سيڪيورٽي انچارج ايس آءِ پي محمد صديق کي عدالت ۾ طلب ڪري جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ دوران سيڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ عدالت  اڄ ڇنڇر ڏينهن ٻڌڻي مقرر ڪئي آهي،  ام رباب چيو آهي ته اسان هر حاضري تي عدالت پهچون ٿا ، اسان کي خطرو آهي پر ڊڄڻ وارا ناهيون ، ميهڙ عدالت ۾ پيش آيل واقعي کانپوءِ اسان کي عدالت ۾ خطرو محسوس ٿئي ٿو ، سردار چانڊيو وارن سان گڏ ماڻهو اچن ٿا ، اڳ به اسان جي گاڏي سان حادثي جي سازش ڪئي وئي ، ميهڙ عدالت ۾ پيش آيل واقعو مذمت جوڳو آهي ، اسان کي عدالتن تي اعتماد آهي ، قانون هٿ ۾ نه کڻنداسين ، 5 سالن کان قانوني جنگ وڙهي رهيا آهيون ، سردارن ، جاگيردارن ۽ سندن ڪرائي جي قاتلن کي سزا ڏيارينداسين ، ام رباب چانڊيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته سردار چانڊيو وارا وري ميهڙ ۾ جلسو پيا ڪن ، دهشت ڦهلائڻ جو پلان جوڙيو ويو آهي ته جيئن ڪيس جا شاهد، شاهدي لاءِ عدالت نه اچن پر شاهد عدالت ۾ موجود هئا،  ٻئي طرف سردار احمد چانڊيو جو چوڻ آهي ته ميهڙ ۾ اسان جون زمينون ، ملڪيتون آهن ، سياست ڪرڻ ڏوھ ناهي ، نه ميهڙ شهر ڪنهن جي جاگير آهي نه اسان تي ڪا پابندي آهي جو اسان اتي جلسو نه ڪيون.